ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم کي 1986 واري حالت ۾ بحال ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، پارٽي کي تنظيمي بحران مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ 22 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي. ڪراچي ۾ پنهنجي گهر پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته، منهنجو پهريون مقصد 1986 واري ايم ڪيو ايم کي بحال ڪرڻ آهي، انٽرا پارٽي اليڪشن ذريعي ئي مسئلن مان نڪري سگهجي ٿو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته پارٽي کي تنظيمي بحران مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ 22 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، او آر سي ۾ وڌيڪ نالا شامل ڪيا ويندا. هن چيو ته خبر آهي ته منهنجي بيان تي بهادر آباد وارا تنقيد ڪندا پر هن جو جواب به آئون پاڻ ڏيندس. سندس چوڻ هو ته خالد مقبول صديقي چيو هو ته پارٽي مان آمريت ختم ٿي وئي پر 15 جون تي منهنجي واپسي کانپوءِ به سموري رابطا ڪميٽي سان صلاح مشورا نه ڪيا ويندا هئا، رابطا ڪميٽي تي ڪجهه ماڻهو پنهنجا فيصلا مڙهن ٿا. فاروق ستار جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ اميدوارن کي ٽڪيٽس جاري ڪرڻ دوران قائدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ پئسن وارن ماڻهن کي ٽڪيٽس جاري ڪيون ويون. ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته ڪجهه ماڻهو ايم ڪيو ايم تي قبضو ڪري ويٺا آهن جيڪي پاڻ ڪنهن به شئي جي قابل نه آهن.
Check Also
ڪارونجهر بابت سنڌ حڪومت جا سمورا فيصلا رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تاريخي حڪم
سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو هڪ ٻيو تاريخي فيصلو ڪراچي …