Wednesday , October 16 2024

وفاق جو رويو ٺيڪ ناهي، اسان ٿر ۾ بجلي پيدا ڪري فيصل آباد کي ڏيون ٿا: مراد علي شاهه

افسوس آهي ته وفاق جو رويو ٺيڪ ناهي، اسان ملڪ لاءِ سوچيون ۽ عملي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ٿر ۾ بجلي پيدا ڪري فيصل آباد کي مهيا ڪري رهيا آهيون، سنڌ ۾ بهترين ۽ معياري روڊ ٺاهيا آهن، وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي ( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته وفاق جو رويو ٺيڪ ناهي، اسان ملڪ لاءِ سوچيون ۽ عملي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ٿر ۾ بجلي پيدا ڪري فيصل آباد کي مهيا ڪري رهيا آهيون، سنڌ ۾ بهترين ۽ معياري روڊ ٺاهيا آهن، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوسٽ بجيٽ پريس بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته، اسان تي ان الزام جو حقيقت سان واسطو ناهي ته، سنڌ جي ماڻهن چوٿون ڀيرو اعتماد ڪري وڏي اڪثريت سان پيپلزپارٽي کي ڪامياب ڪيو آهي، ڪنهن کي ترقي ڏسڻي آهي ته ٿر وڃي ڏسي؛ جتي سنڌ حڪومت پنهنجي فنڊز سان ايئرپورٽ ٺاهيو آهي، معياري مٽيريل سان بهترين روڊ رستا ٺاهيا آهن، ٿر ڪول منصوبي ذريعي روزگار مهيا ڪيو آهي، ٿر ڪول مان بجلي ٺاهي فيصل آباد کي مهيا ڪري رهيا آهيون.

وڏي وزير پوسٽ بجيٽ بريفنگ دوران ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن آفيسر جي بدلي ڪيون ٿا ته اهو ڪورٽ پهچي وڃي ٿو ۽ حڪومتي حڪمن خلاف اسٽي آرڊر وٺي اچي ٿو، نوڪريون ڏيون ٿا تڏهن به ڪجهه ماڻهو عدالت مان منع نامو وٺي اچن ٿا. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ مالي سال جي بجيٽ گذريل بجيٽ جي ڀيٽ ۾ 34 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي، بجيٽ تقرير ۾ انگ اکرن ۾ ٿورو گهڻو فرق هو، نئين مالي سال 2023_2024 جي بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 3هزار 56 ارب رپيا  آهي.

پوسٽ بجيٽ بريفنگ ڏيندي وڏي وزير چيو ته هڪ هزار900 ارب رپين کان وڌيڪ جي موجوده خرچن جو ستر سيڪڙو رڳو پگهارن، پينشن ۽ جي خرچ ۽ ٻيون گرانٽس شامل آهن، بقايا لوڪل گورنمينٽ جو ايڪيهه سيڪڙو نان سيلري شامل آهي، جن ۾ آپريشنل خرچن سميت ٻيا خرچ شامل آهن. هن چيو ته اسان کي وفاق کان 1900 ارب رپيا ملڻ جي اميد آهي، اسان 619 ارب رپيا ٽيڪس جي مد ۾ رکيا آهن، 43 ارب نان ٽيڪس روينيو رکيا آهن، موجوده ڪيپيٽل ري سيٽ ساڍا 27 ارب آهي. اسان کي 2 هزار 590 ارب رپيا ملي رهيا آهن، ان کان علاوه اها رقم پرڏيهي امداد جي منصوبن مان اچي رهي آهي.

سنڌي صحافي دوستن خاص طور ڪراچي ۽ اسلام آباد جي صحافين ڏانهن !! – اصغر آزاد

سنڌ ۾ بي آءِ ايس پي جيان هارين لاءِ هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان

 

About Ahmedbilal

Check Also

نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي

ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *