Wednesday , May 22 2024

وفاقي حڪومت پنجاب ۾ رينجرز مقرر ڪري ڇڏي

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءچار) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مظاهرن ۽ ڌرڻن کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي،. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پنجاب ۾ ٻن مهينن لاءِ رينجرز کي آرٽيڪل147تحت مقرر ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ گهرو وزارت رينجرز جي مقرري بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزير پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽي ايل پي کي ڀارت جي مدد حاصل آهي، دشمن پاڪستان خلاف سازش ڪري رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ماحولياتي تبديلين کي سمجهڻ لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي

ماحوليات بابت رپورٽنگ ڪندڙ صحافين جي لاءِ فورم ھجڻ جي سخت ضرورت آھي، تقريب کي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *