Tuesday , October 3 2023

وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ کي ٿڏي ڇڏيو،21گريڊ جو ڪليم امام آءِ جي سنڌ مقرر

ڪراچي (رپورٽ:اصغر آزاد) وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي خلاف او پي ايس تي آءِ جي سنڌ جي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، قانوني ماهرن جو چوڻ آھي ته وفاق جو اهڙو عمل توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو. وفاقي حڪومت 21 هين گريڊ جي پوليس آفيسر ڊاڪٽر ڪليم امام کي 22 هين گريڊ جي پوسٽ تي آءِ جي سنڌ طور مقرر ڪيو ويو، جنهن جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. ڪليم امام کي آءِ جي سنڌ طور مقرري واري نوٽيفڪيش ۾ به واضع طور لکيل آھي ته، ايڪيهين گريڊ جي ڪليم امام کي اون پي اسڪيل تي.انسپيڪٽر جنرل طور مقرر ڪيو وڃي ٿو، جيڪو حڪم فوري طور 7 سيپٽمبر کان لاڳو سمجهيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *