Monday , September 16 2024

وفاقي حڪومت جي ملازمن لاءِ 3 مهينن جي جون پگهار بونس طور ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت جي سمورن ملازمن کي 3 مهينن جون پگهارون بونس طور ڏيڻ جو اعلان مڪيو ويو آهي، وزير اعظم ملازمن کي 3 مهينن جون پگهارون (سندن بنيادي پگهار) بونس ۾ ڏيڻ جو فيصلو قومي اقتصادي ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت ڏنو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاران وفاقي ملازمن کي ٽن مهينن جو بونس بنيادي پگهار موجب ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. ترجمان موجب ايندڙ مهيني جي پگهار ۾ وفاقي ملازمن کي ٽن مهينن جي اضافي پگهار ڏني ويندي.

وزيراعظم جي اهڙي فيصلي سان وفاقي حڪومت جي 11 لکن کان وڌيڪ ملازمن کي سندن 3 مهينن جي بنيادي پگهار ڏيڻ سان ملڪي خزاني تي لڳ ڀڳ 60 ارب رپين جو واڌڏو وزن پوندو. جيڪو اڳ ئي پيش ڪيل خساري واري بجيٽ تي وڌيڪ ٻوجهه هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

شهيد جان محمد مهر جي شهادت کي سال گذري ويو، مک قاتل گرفتار نه ٿيا

شهيد جان محمد مهر جا اصل قاتل ۽ مک سهولتڪارن ڪچي ۾ نه پر سکر، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *