-
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار)فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل پي ٽي آءِ جي حڪومت خلاف اڇو چٺو بيان ڪري ڇڏيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، خواجا آصف سميت مختلف سياسي اڳڪواڻن خلاف ڪيس ٺاهڻ لاءِ دٻاءَ وجهڻ جا الزام. ايف آءِ ايف جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ هڪ نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته، مون کي وزيراعظم هائوس ۾ گهرائي سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ڪيس تيار ڪرڻ جو چيو ويو، جنهن کان مون انڪار ڪري ڇڏيو، قانون واري وزير فروغ نسيم چيو ته اوهان قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيس تيار ڪيو، اُهو ڪيس عدالتن ۾ مان پاڻ وڙهندس. بذير ميمڻ وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته وزيراعظم هائوس ۾ ئي مون کي اهو به چيو ويو ته خواجا آصف وٽ اقامو آهي ان خلاف غداري جو ڪيس ٺاهيو، پ پ اڳواڻن مصطفيٰ نواز کوکر، نفيسه شاهه ۽ ٻين انهن اڳواڻن خلاف به ڪيس ٺاهڻ جو چيو جيڪي حڪومت خلاف وڌيڪ سرگرم يا وري ميڊيا تي ڳالهائيندا هئا. بشير ميمڻ چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ قانون تي عمل ڪرائيندڙ آفيسر ڪنهن جي خواهشڻ مطابق غيرقانوني قدم کڻي ڪوڙا ۽ من گهڙت ڪيس ٺاهي، مون ان کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ منهنجي لاءِ کوڙ ساريون ڏکيائيون پيدا ڪيون ويون.
Tags FIA DG Bashir Memon Former DG FIA بشير ميمڻ
Check Also
ڪارونجهر بابت سنڌ حڪومت جا سمورا فيصلا رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تاريخي حڪم
سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو هڪ ٻيو تاريخي فيصلو ڪراچي …