Thursday , May 30 2024

هڪ ”ڀوتار سرڪار” جي حق ۾ ڪهڙا دليل ڪهڙا وڪيل _ نثار کوکر

Nisar khokhar

جنهن ڏينهن ڪاوش ۾ سنڌ جي 18 لک پگهار واري ايڊووڪيٽ جنرل جو حڪومتي بچاءَ ۾ تاريخي ڪالم ڇپيو، ان ڏينهن اتفاق سان منهنجو گذر لاڙڪاڻي جي ان ايمپائر روڊ وٽان ٿيو، جتي خانبهادر محمد ايوب کهڙي جو بنگلو پراڻي عمارت جي صورت ۾ موجود آهي. ان بنگلي جي تاريخ ڪنهن ٻي مجلس ۾ پڙهنداسين، پر مون ان بنگلي ڀرسان پراڻي ميونسپالٽي جو اهو فانوس يا اسٽريٽ لائيٽ  پئي ڳولي، جنهن جي روشني ۾ ويهي پير علي محمد شاهه راشدي راتين جا اوجاڳا ڪري ان وقت جي مدبر سياستدان ايوب کهڙي جي تقريرن لاءِ ائين دليل گهڙيندو هو، جيئن اڄڪلهه ڀوتارن جي سرڪار لاءِ ضمير گهمرو عدالتن کان ٻاهر دليل لکي ڇپرائي رهيو آهي. ضمير جي ڪالم ۾ تاريخي واقعن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ تي ڪافي دوستن تبصرا ڪري درستگي جي ڪوشش ڪئي آهي، پر مون کي ايوب کهڙي جي بنگلي وٽان گذرندي افسوس پيو ٿئي ته ڀوتارن جي سرڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ جيڪو درٻاري ڪلچر هڪ صدي اڳ مدرسن جي پڙهيل دانشورن ۾ رائج هو، سو وقت سان گڏ ڪيئن نه ترقي ڪري سوٽ بوٽ پائي وڪلين جي ويس ۾ سامهون آيو آهي ۽ آڪسفورڊ پڙهيل ڀوتارن جي وڪالت ائين ڪري رهيو آهي، جيئن آفريڪا جي آدمخور قبيلي جا پڙهيل لکيل سردار پنهنجي رسمن جو بچاءُ ڪندا آهن. هاڻوڪي جديد دور جي درٻاريت وارن دليلن کي ماضيءَ جي اکين ڏٺئي شاهد سان ملائي ڏسون ته واقعي سنڌ جي بمبئي کان آزادي واري تحريڪ ۾ سر شاهنواز ڀٽي جو ڪو ڪردار هو يا ڪنهن ٻئي جو عمل وڌيڪ هيو. ان دور جي سياست جو اکين ڏٺو شاهد پير علي محمد شاه راشدي پنهنجي تاريخي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ جي صفحي نمبر 314 تي لکي ٿو ته: ”اسان پنهنجي وڏن ليڊرن مان ان وقت تائين جي حالتن کي سامهون رکي مايوس هئاسين. بمبئي سرڪار اصولي طور ۽ مصلحتن سنڌ جي جدائي جي خلاف هئي. سر غلام حسين هدايت الله بمبئي گورنمينٽ جو وزير هو ۽ سر شاهنواز خان ڀٽو بمبئي ڪائونسل جي سمورن مسلمان ميمبرن جو اڳواڻ هو. ٻنهي تي ٻين پاسن جون جوابداريون به هيون، تنهن ڪري اسان کي خطرو محسوس پئي ٿيو ته مبادا انهن مجبورين ڪري هو لنڊن ۾ ٿيندڙ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس  اڳيان سنڌ جي جدائي جو مسئلو زوردار طريقي سان پيش ڪري نه سگهن.“

پير علي محمد شاهه راشدي ان وقت جو متحرڪ ڪردار هو، پر کيس ايوب کهڙي جي ويجهڙائپ سبب ان جو درٻاري به سمجهيو ويندو هو. جنهن کهڙي بابت ايترو ته تفصيلي ۽ تعريفي لکيو آهي ته ڪيئن نه کهڙي کي سنڌ جي مسلمانن پاران لنڊن رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس موڪليو ويو هو. هن سر شاهنواز ڀٽي جو ذڪر به ناهي ڪيو ته ڪو اهو به ان ڪانفرنس ۾ ويو هو، پر اهو ضرور لکيو اٿائين ته سندس صاحب يعني ايوب کهڙو سنڌ جو پهريون وڏيرو هو، جيڪو جولاءِ 1933ع ۾ ايئرفرانس جي هوائي جهاز ۾ چڙهي لنڊن ڏانهن روانو ٿيو هو، پوءِ ڪيئن ايران جي سرحدن ۾ جهاز خراب ٿي پيو ۽ هو گڏهه جي سواري ڪري وڃي ٻئي جهاز تائين پهتو. ايوب کهڙي جي پير علي محمد پاران اها تعريف بلڪل ائين آهي، جيئن هاڻوڪي ”ڀوتار سرڪار“ جا وڪيل لکي رهيا آهن ته، سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي ۾ سائين جي ايم سيد يا ايوب کهڙي جو ڪو ڪردار نه هو، پر اهو ڪارنامو سر شاهنواز ڀٽي پنهنجي مبارڪ هٿن سان سرانجام ڏنو. تاريخي حقيقتون ڪيتريون به تلخ هجن، پر انهن کي ٽوڙي مروڙي پيش نه ڪرڻ گهرجي. سنڌي ۾ اهڙن جلدباز لکارين لاءِ هونئن ته ڪيترائي پهاڪا مشهور آهن، پر ”تپيدار کان ڪوٽوال تڪڙو“ وارو پهاڪو هنن حالتن ۾ ٺهڪي اچي ٿو. اقتدار جي مستند تي ڏهه سال لاڳيتو رهڻ وڏو عرصو آهي، ۽ انهن سالن ۾ قومن جون تقديرون تبديل ٿي وينديون آهن، پر وڪيل صاحب چوي ٿو ته ”سنڌ ۾ رياست جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ علم، سگهه ۽ افرادي قوت جو تعين ڪڏهن به نه ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ مسلسل ڌاري حڪمراني ۽ مرڪز جي مداخلت سبب سنڌ ۾ رياستڪاري جو فن ڪمزور رهيو آهي، ان ڪري ان جو حل اهو آهي ته سنڌي عوام جي مسلسل حڪمراني هجي.“ سنڌ سرڪار جي ايڊوويڪٽ جنرل بئريسٽر ضمير گهمرو کي پيپلزپارٽي جي وڪالت ڪندي اڃان ڪجهه مهينا مس گذريا آهن، کيس ڪنهن سينئر وڪيل کان پڇڻ گهرجي ته رياستڪاري جي فن واري ميدان ۾ رئيس آصف علي زرداري جي مقابلي جو ڪو ماڻهو آهي ڇا؟ رياستڪاريءَ جو فن اصل ۾ اقتدار تي مڪمل اختيار جو قصو آهي، جيڪو آصف زرداري کان ڪو سکي ڏسي، جنهن آفتاب شعبان ميراڻي، نجيب احمد شهيد ۽ سر ڌڙ جي بازي لڳائيندڙ هزارين لکين جيالن جي پارٽي کي هڪ ”لميٽيڊ ڪمپني“ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ سياسي اقتدار واپارين جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو. جتي ماحول ڪجهه اهڙو تبديل ٿي پيو، جو قائم علي شاهه جي وزير اعليٰ هوندي چيف ايگزيڪيوٽو جي ٽيبل تي فائيل اويس مظفر ٽپي  اڇليندو هو ۽ صحيحون وٺندو هو. جتي منسٽر ٿيڻ لاءِ پارٽي جي سينئر ترين ماڻهن کي به مبينا طور اومني گروپ جي انور مجيد جي حاضري ڀرڻي پوندي هئي. جتي پنهنجي پٽ، ڀائيٽي جي نوڪري بدلي ڪرائڻ لاءِ به جوشيلن جيالن کي علي حسن زرداري جا هٿ چمڻا پوندا هئا. جيڪا پارٽي ڏسندي ڏسندي عوامي پارٽي منجهان ”ڪمپني سرڪار“ ٿي وئي ۽ ان جو وڪيل هاڻي ويهي عوام کي ڇا ٻڌائيندو ته جنهن وزير جي گهران اربين روپيا نڪتا، سي دراصل سنڌ جي اسپتالن جي ابتر ٿي ويل حالت بهتر بنائڻ لاءِ خرچ ٿيڻا هئا، پر ان ڀوتار جي انڊر گرائونڊ اليڪٽرانڪ الماڙي کي اڻپڙهيل نوڪر جي غلط بٽڻ دٻائڻ سبب لڳل باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي ويا. ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ ٻاهران ميليل ايمبولينس گاڏيون نوابشاهه روٽ تي ويگن ڪري ڪيئن هلايون ويون يا انهن مامرن جي ڪهڙي وڪالت ڪهڙن دليلن سان ڪري سگهندو ته ڪيئن گاڏي کاتي ۾ پروف ڏسندڙ هڪ شخص کي جڏهن سنڌ جي تعليم جو ڪرتا ڌرتا بڻايو ويو ته هن پئسن عيوض گلگتي ۽ سواتي پٺاڻن کي به سنڌي ٽيچر جا آرڊر ڏئي سنڌ جي ڪيتري نه شاندار خدمت ڪئي!

جنهن اقتداري ڏهن سالن جو ضمير دفاع ڪري رهيو آهي، انهن ڏهن سالن سنڌ کي جنگ زده ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي پر ان جي باوجود وڪيل جي ڪاوڙ مخالفن تي آهي ته ”سنڌ ۾ ڪجهه نادان دوست سنڌين ۾ نفاق پئدا ڪري رهيا آهن.“ جڏهن به پيپلزپارٽي جو ڪو دوست سياسي مخالفن تي الزام هڻندو آهي ته مون کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته پي پي پي جا سنڌ ۾ مخالف آهن ڪهڙا ۽ ڪٿي آهن. سنڌ جا لڳ ڀڳ سمورا سردار، ڀوتار، وڏيرا جاگيردار، سرمائيدار ۽ ڪامورا هاڻي مفاهمت جي حمام ۾ وهنجي پارٽي ۾ اچي چڪا آهن ۽ هر روز آصف زرداري جي سياسي فلاسافي جي واڌاري لاءِ ڪوشان آهن ته پوءِ ڪهڙي سياسي مخالفت جي ڳالهه پيا ڪريو؟ سنڌ جي ماڻهن ۾ جيڪڏهن ايترو شعور هجي ها ته پوري هڪ ڏهاڪي تائين پنهنجي پنهنجي شهرن، گهٽين ۽ پاڙن ۾ ذلت واري زندگي نه گذارين ها. جتي سندن بيروزگار نوجوانن کي به ڪميشن عيوض نوڪريون مليون، جتي سندن روڊ رستا، اسپتالون ۽ اسڪول تباهه حال هجن، پر پوءِ به خاموش هجن ته اهڙي ماحول ۾ سياسي مخالفن جي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. پر هن مايوس ماٿري ۾ عوامي ذلتن ۽ ضمير وچ ۾ هڪ لائين ضرور نڪتل آهي. اها لائين ڪالهه به نڪتل هئي، جڏهن هڪ طرف ڪامريڊ حيدربخش جتوئي بيٺل هو ۽ ٻئي طرف هڪ جاگير جو نواب سندس سامهون اليڪشن ۾ بيٺل هو. ڪامريڊ جن هارين جي حقن جي ڳالهه ڪري رهيو هو، انهن ئي هارين کي ان نواب جانور بڻائي ڪامريڊ مٿان حملي آور ٿيڻ جو چيو ۽ ويچارن هارين نواب جي چوڻ تي ائين ڪيو. ان وقت اليڪشن ۾ اهو نواب ڪامياب ٿي ويو پر سنڌ جي شعور جي تاريخ ۾ هاڻي به ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سرخرو بيٺل آهي. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جا نعرا اڄ به گونجن پيا.سو قصو مختصر ته پيارا ضمير بي هٿيار ۽ هيڻن ماڻهن کي حراسان نه ڪبو آهي. تاريخي ڪٽهڙي ۾ جتي اڄ تون بيٺل آهين ڀلي ڪامياب هجين پر سڀاڻي جي تاريخ ۾ اسان محڪوم سنڌين کي سرخرو ڏسون ٿا، جتي ڪا به ”ڀوتار سرڪار“ سنڌين جي تقدير جا بيرحمي سان فيصلا نه ڪندي. سڀاڻي جي اسيمبلي ۾ هاري پورهيتن جو اولاد اچي اهڙي قانونسازي ڪندو ته جيئن هو صدين جي غلامي جا ٿڪ لاهي سگهن.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *