Sunday , October 1 2023

نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن (ر) صفدر پيرول تي آزاد

اسلام آباد( سنڌسماءَچار     مانيٽرنگ ڊيسڪ ) بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي بعد پيرول تي آزاد ڪيل اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن رٽائرڊ محمد صفدر جاتي امرا پهتل آهن، جتي ساڻس ن ليگ جي مخصوص اڳاوڻ ملاقات به ڪئي آهي. وفاقي حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، نواز شريف ۽ ٻين کي ابتدائي طور تي 12 ڪلاڪن لاءِ رات 2 وڳي پي رول تي آزاد ڪيو ويو آهي، پر ان ۾ واڌ ڪئي ويندي ۽ بيگم ڪلثوم نواز جي تدفين تائين کين پي رول تي آزادي مليل هوندي پر اهي ميڊيا سان ڳالهائي نه سگهندا. پيرول تي آزاد ٿيڻ بعد نور خان ايئربيس کان خاص اُڏام ذريعي رات اڍائي وڳي لاهور پهتا. گهرو وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پيرول تي آزادي وارو مدو 5 ڏينهن هوندو، ڇو ته درخواست به پنجن ڏينهن جي ڏني وئي هئي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته، جاتي امرا کي سب جيل قرار ڏيڻ تي به ويچاريو پيو وڃي ۽ اهو ممڪن آهي ته سموري جاتي امرا واري علائقي کي يا شريف خاندان جي ذاتي رهائش جاتي امرا کي سب جيل نه پر ان جي مخصوص حي کي سب جيل قرار ڏيڻ جو امڪان به آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نواز شريف، آصف زرداري، شهباز شريف، شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس بحال، نيب ترميمون رد

سپريم ڪورٽ نيب ترميمي بل ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، ن ليگ، پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *