ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله سميت 4 ڄڻن جي قتل کي عدالت کان مٿانهون قتل قرار ڏئي ڇڏيو، پوليس پاران پيش ڪيل جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو ته نقيب الله سميت چئني ڄڻن کي ڪمري ۾ بند ڪري قتل ڪرڻ بعد هٿيار ڏيکاريا ويا، ايس ايس پي رائو انوار ساٿين سوڌو واقعي واري هنڌ موجود هو، عدالت مبينا مقابلي ۾ ماريل نقيب الله سميت چئن ڄڻن خلاف داخل 5 ڪيس ختم ڪرڻ جي رپورٽ منظور ڪري ورتي. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس پاران قتل جي جاچ بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نقيب الله سميت چئن ڄڻن کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري قتل ڪرڻ بعد هٿيار ڏيکاريا ويا، رائو انوار ۽ ان جا ساٿي واقعي واري هنڌ موجود هئا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نقيب الله سميت چئن ڄڻن جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو، جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري جائزو وٺي شاهديون گڏ ڪيون آهن. رپورٽ بعد عدالت نقيب الله ۽ ٻين خلاف داخل 5 ڪيس ختم ڪرڻ جي رپورٽ منظور ڪري ورتي آهي.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …