اسلام آباد ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف الزام هينو آهي ته، ن ليگ عام چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪرائڻ جون تياريون ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ نادرا جي چيئرمين نادرا جو چيئرمين عثمان مبين جي ملي ڀڳت سان نادرا جي ڊيٽا حاصل ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته،عثمان مبين نادرا جي ڊيٽا ن لکيگ کي ڏني آهي، جنهن جي مدد سان ن ليگ 25 جولاءِ تي رٿيل عام چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪرائڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، عمران خان بابر اعواڻ کي هدايت ڪئي آهي ته، هو پٽيشن تيار ڪري سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي.
پاڪستان تحريڪ انصاف نادرا چيئرمين خلاف اليڪشن ڪميشن وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي . عمران خان ان باري ۾ پارٽي اڳواڻن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. پي ٽي آءِ الزام مڙهيو آهي ته نادرا چيئرمين مسلم ليگ نون کي اليڪشن کٽڻ ۾ مدد لاءِ ڊيٽا فراهم ڪئي هئي. ان لاءِ ان کي عهدي تان هٽايو وڃي. پٽيشن جي متن ۾ چيو ويو آهي ته نادرا چيئرمين کي ن ليگ مقرر ڪيو هو . ان لاءِ ان جي موجود گي ۾ شفاف چونڊون نه ٿي سگهنديون. ٻئي طرف بابر اڳواڻ تصديق ڪندي چيو ته نادرا چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ جلد ئي اليڪشن ڪميشن ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويندي.