ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت تاريخي مڪلي قبرستان ۾ ماڻهن جي تدفين ۽ قبرستان اندر گاڏين جي آمد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت مڪلي قبرستان ۾ ماڻهن جي تدفين ۽ قبرستان اندر گاڏين جي آمد تي پابندي لاڳو ڪندي چيو آهي ته مڪلي قبرستان تاريخي ورثو آهي ، عالمي ادارن ان جي حفاظت لاءِ چيو آهي.سنڌ حڪومت ٺٽي جي ڊي سي ۽ پوليس عملدارن کي مڪلي قبرستان ۾ ماڻهن جي تدفين ۽ گاڏين جي آمد تي پابندي واري فيصلي تي عملدرآمد جو حڪم ڏنو آهي.
Check Also
ن ليگ، بشير ميمڻ کي گورنر سنڌ بڻائڻ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کي هٽائڻ لاءِ ڪا به ڳالهه غور هيٺ ناهي نه …