ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) شاگردن کي سفارش ۽ رشوت عيوض مارڪون ڏيڻ سميت سرڪاري فنڊز ۾ گهوٻين وارن ماملن جي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، ميرپور خاص تعليمي بورڊ ۾ گهوٻين واري معاملي ۾ ڪجهه بااثر شخصيتن جي به ڦاسڻ جو امڪان آهي. ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن چيئرمين علم الدين بلو ميرپورخاص جي تعليمي بورڊ ۾ رشوت عيوض شاگردن جون مارڪون وڌائڻ تي ذميوار آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. علم الدين بلو جي صدارت هيٺ اينٽي ڪرپشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عملدارن پاران آگاهي ڏني وئي ته ميرپورخاص جي تعليمي بورڊ جي ضبط ڪيل رڪارڊ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته رشوت عيوض يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي امتحانن جي رزلٽ ۾ وڏي پئماني تي ڦيرڦار ڪئي وئي آهي. عملدارن جي اهڙي آگاهي تي اينٽي ڪرپشن چيئرمين علم الدين بلو کين ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي سمورن آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي.
Tags Alama DIn Bullo Mirpur Khas Educational Board
Check Also
ڪارونجهر بابت سنڌ حڪومت جا سمورا فيصلا رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تاريخي حڪم
سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو هڪ ٻيو تاريخي فيصلو ڪراچي …