Friday , April 19 2024

ميرٽ تي ووٽ ڪڏهن پوندا..؟؟ _ سيد عرفان علي شاهه

سيد عرفان علي شاههIrfan Ali Shah

ڪنهن ڳالهه کي سمجهڻ جي لاءِ ذهن ۾ سوال اڀرن ٿا ته انهن جا جواب ٻن طريقن سان حاصل ٿين ٿا، علم وارن جي محفل ۾ شريڪ ٿيڻ سان يا ڪتابن پڙهڻ سان. بدقسمتيءَ سان سنڌ جي حوالي سان آئون ٻنهي کي ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو آهيان. (يقينن اها منهنجي نااهلي آهي). هر شعبي جيان هتي به ڏڪار جو عالم آهي. ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ سوال ڪرڻ ضروري هجي ٿو. پر جڏهن به آئون ڪجهه سوالن جي جواب جي تلاش ۾ نڪران ٿو ته مون کي صرف خاموشي ٻڌڻ لاءِ ملي ٿي. جيئن سنڌ جيڪڏهن پنج هزار سال پراڻي آهي ته ان جي پنهنجي تاريخ ڪٿي آهي؟ تاريخدان ڪٿي آهن؟ موهن جي دڙي جي دريافت ته اسي- نوي سال پهرين انگريزن ڪئي، نه صرف اها بلڪه سنڌ جي باقي جڳهن کي به ڪتاب جي صورت ۾ محفوظ ڪري ويا. راجا ڏاهر جي زماني جو ڪتاب ڳولڻ نڪتس ته ڪو به ڪتاب نه مليو، سڀ کان مستند ڪتاب چچ نامو، اهو به سنڌ تي حملو ڪندڙن لکيو ۽ ڪيترن ئي سالن بعد اسان ترجمو ڪيو. رني ڪوٽ جي تاريخ خاموش، مياڻي جي جنگ جي تاريخ خاموش، ايستائين جو منهنجي هڪ دوست (مير صاحب، جيڪي ٽنڊو ڄام جا آهن) اهو چئي اڃا به پريشان ڪري ڇڏيو ته ”مرسون مرسون – سنڌ نه ڏيسون“ وارو نعرو اصل ۾ هوش محمد شيدي جو نه، بلڪه اسان جي هڪ مير صاحب جو آهي. هوش محمد ته توبن جو آپريٽر هو جيڪو مير صاحبن جي دور ۾ غالبن جارجيا مان گهرايو ويو هو ۽ مياڻي جي جنگ ۾ هوش محمد شيدي شامل به نه هو.“ هاڻي ان ڳالهه جي تصديق ڪيئن ڪجي؟

vote 1

ڪجهه ڏينهن کان آئون ايران جي تاريخ پڙهي رهيو آهيان. ان مان معلوم ٿيو ته اسان جي خطي ۾ جيڪي شهر آباد ڪيا ويا، جيڪي سندن قبضي ۾ هئا جيئن ميرپور، خيرپور، انهن جا نالا به ايران جي بادشاهن ۽ شهرن کان متاثر ٿي رکيا ويا آهن، (جيئن شاهه پور، شهر نشاپور). ايتري قدر جو لقب به انهن جا چورايا ويا. مثال طور خان، خانم، عائشه، آفندي وغيره وغيره. هڪ ڀيرو ڪنهن تاريخي قبرستان وڃڻ جو اتفاق ٿيو. اتي ڪنهن ٻڌايو ته هنن قبرن جو پٿر جئپور جو آهي ۽ ڪاريگر ڪنهن ٻئي هنڌ جا. ويجهڙ ۾ ٺٽو – حيدرآباد روڊ ذريعي ميرپورخاص وڃڻ جو اتفاق ٿيو، وچ ۾ سونڊا قبرستان تي بيٺاسين. قبرستان اندر ئي ڳوٺ قائم آهي، اتان جي هڪ رهندڙ کان جڏهن قبرستان جي باري ۾ پڇيوسين ته چيائين، ”خبر ناهي ڪير دفن آهن، پر آهي پراڻو قبرستان.“ پوءِ جهرڪ ۾ بيٺاسين، آغا خان جو گهر هو، قائد اعظم جي باري ۾ صرف ڳالهيون آهن. مياڻي، دُٻو ۽ لطيف آباد ۾ سنڌو درياهه ويجهو اوهان کي اڄ به انگريز فوج جي سپاهين (جيڪي سنڌ جي حڪمران فوج سان ويڙهه دوران مارجي ويا) جون يادگار ملنديون. پر اسين ان ڳالهه تي پريشان آهيون ته هوش محمد شيدي جي قبر پڪي قلعي ۾ آهي يا ڪنهن ٻئي هنڌ؟

سڃاڻپ جي باري ۾ آئون تمام گهڻو حساس آهيان. منهنجي خواهش آهي ته دنيا اسان کي عزت ڏئي، اسان کي اسان جي ڪم جي ذريعي سڃاڻي. تاريخ جيڪڏهن ڪالهه ناهي لکي وئي ته اڄ لکڻ شروع ڪريون. آئون ڪيترائي ڀيرا لکي چڪو آهيان ته آئون جڏهن به ڪنهن ملڪ وڃان ٿو ته اتان جي ترقي مونکي هميشه اداس ڪري ٿي، اهو سڀ ڪجهه آئون پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي لاءِ ڪرڻ چاهيان ٿو. انٽرنيٽ تي به جيڪڏهن آئون ڪنهن ٻئي ملڪ جي شيءِ سرچ ڪريان ٿو ته گڏوگڏ پنهنجي ملڪ جي به ضرور سرچ ڪريان ٿو، جيئن حيدرآباد دکن، حيدرآباد، راجستان ۽ اسان جو ٿر وغيره. مونکي هميشه ٻئي طرف ڪافي علمي مواد نظر آيو ۽ اسان واري طرف ڪجهه به نه. اهڙيءَ طرف مونکي هڪ ڀيرو خيال آيو ته ڇو نه سنڌي ميوزيڪل انسٽرومينٽ کي وِڪيپيڊيا تي رکجي. مون بوڙينڊي جي معلومات رکي. شام جو هنن هٽائي ڇڏي، پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته هي ساز اوهان جو ناهي، بلڪه اسرائيل جو آهي. انهن انهيءَ سان گڏ هڪ لنڪ به شيئر ڪئي. پوئين سال دبئي ۾ مون سنڌڙي انب انڊين پيڪٽ ۾ ڏٺو، اسان جو چانور دبئي ۾ انڊيا جي پيڪنگ ۾ وڪامي ٿو. نه انب، نه چانور، ڪنهن جو به پيٽنٽ اسان رجسٽر ناهي ڪرايو. انهن سمورين ڳالهين جو اسان وٽ صرف هڪ ئي جواب آهي ته هر شيءِ جي ذميواري حڪومت جي آهي. ان ۾ ماڻهن جو ڏوهه به ناهي، ان ۾ مون سميت انهن ماڻهن جو هٿ آهي، جن ماڻهن جي سوچ کي بدلائڻ بدران دنيا جي ترقي، علم، ڪاروباري موقعن جي باري ۾ لکڻ بدران ٻن شين تي زور ڏنو ته اسين عظيم ماڻهو آهيون ۽ عظيم ڪيئن غلط ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري اسين سڀ ذميواري کان آجا آهيون. ذميواري ڪا به ناهي پر حق سڀ کان پهرين منهنجو…!

vote 2

دنيا ۾ انقلاب يا تبديلي ٻين کي پنهنجي خامين جو ذميوار بڻائڻ سان ناهي آئي، بلڪه پنهنجي ڪمزورين ۽ خامين جي نشاندهي کان پوءِ ان جي بهتري سان آئي. اهو ٺيڪ آهي ته وقت جي حڪومت ذميواري هجي ٿي، پر صرف حڪومت جي نه، بلڪه ماڻهو پنهنجي شعبن ۾ به اهو ڪجهه ڪري وڃن ٿا، جو قومن جون تقديرون بدلائي وڃن ٿا. مثال طور لاطيني زبان ۾ لٽريچر ايترو ترقي يافته هو، جو اڄ به انگريزي کان وٺي مختلف زبانن ۽ تهذيبن تي ان جو اثر آهي. فردوسي پنهنجي پوري زندگي شاهه نامه لکڻ ۾ گذاري ڇڏي، جنهن فارسي زبان کي ٻين زبانن تي اثر رسوخ کان بچائي رکيو آهي. آمريڪا جي اسٽينڊ فرڊ يونيورسٽي کان وٺي سائنس جي ترقي تائين سڀ ڪجهه ماڻهن جي محنت جو نتيجو آهي، جن مان ڪن کي وقت جي حڪومت جي مدد ملي به ته، ڪن کي نه به.

پاڪستان ۾ سي پيڪ جي مثبت اثرن تي اسان ڪيترو لکيو آهي؟ اڌ صفحو به انهن موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختص ڪرڻ کان اسان کي ڪنهن روڪيو آهي؟ بحريه ٽائون ۾ 10 هزار کان وڌيڪ سنڌي ليبر (مزدور) آهي، اڌ کان وڌيڪ هوٽلون (مزدورن جي لاءِ) ٿر جا ماڻهو هلائي رهيا آهن، جتي تندور واري کي 20000 ملن ٿا. ڇا صرف منفي خبر ئي خبر هجي ٿي؟ اسان سڀني کي پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪري نئين سر معاشري جو بنياد وجهڻو پوندو. 2018ع جي اليڪشن سامهون آهي، اسين ان ڳالهه تي روئيندا رهون ٿا ته پيرن، وڏيرن قوم کي يرغمال بڻائي رکيو آهي. آدم شمار ٿيڻ ڏيو، جيڪڏهن صحيح ٿي ته خبر پئجي ويندي ته ڪيتري آبادي شهرن ۾ آزاد آهي ۽ ڪيتري ٻهراڙين ۾ قيد؟ هن وقت (ننڍا وڏا ملائي سنڌ جي شهرن جي آبادي تقريبن پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ نه ته گهٽ به نه هوندي. جيڪڏهن صرف پنجاهه سيڪڙو آبادي ئي ميرٽ تي ووٽ ڏي تڏهن به گهڻو ڪجهه بدلائي سگهجي ٿو. حالانڪه ٻهراڙين ۾ به ڪافي جڳهين تي پنهنجي مرضيءَ جي نمائندي کي ووٽ ڏئي سگهجي ٿو. ٺپو لڳائيندي اوهان کي ڪو به ناهي ڏسي رهيو هوندو. جيستائين اسين برادري ۽ زبان بدران اشوز تي ميرٽ جي بنياد تي ووٽ نه ڏينداسين، تيستائين ڪجهه به نه بدلبو.

 

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *