ميرهزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهرواري جا گهر مان گوليون لڳل لاش هٿ

ڪراچي (اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سينئر سياستدان ۽ صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهرواري فريحه رزاق جا ڊفينس واري گهر مان گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهرواري کي گوليون لڳل آهن. ان سلسلي اڃا تائين اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته سندن موت جو ڪارڻ ڇا آهي،ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته هزار خان بجاراڻي جي گهر مان فائرنگ جا آواز اچڻ جا اطلاع مليا جنهن بعد گهر جي ڪمري جو دروازو ڀڃي لاش هٿ ڪيا ويا. ڊي آءِ جي سائوٿ جو چوڻ آهي ته اڃا تائين ان سلسلي ۾ ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي ته واقعو ڇا آهي ۽ ڪيئن پيش آيو. ان بابت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته هزار خان جي گهر ۾ ان وقت گهرو ملازمن سميت 5 ڄڻا موجود هئا، جن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهرواري فريحه رزاق جا لاش گهر مان ملڻ جو الطاع ملڻ شرط وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، گهرو وزير سهيل انور سيال، سميت پ پ اڳاوڻ، صوبائي وزير ۽ ايم پي ايز واقعي واري هنڌ پهچي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *