Tuesday , June 25 2024

موڳي مٽر جا تاڪ لڳي ويا…!! _ اصغر آزاد

اصغرآزادazad1

لڳ ڀڳ هڪ سال بعد موڳو مٽر ڳوٺ اچڻ بعد 3 ڏينهن ڳوٺ ۾ هو، پهريون ڀيرو شهر وڃي سنگت ساٿ سان ڪو نه مليو، واپس ڪراچي لاءِ صبح جو ڳوٺ کان نڪري شهر آيو، سڌو پنهنجي ڪلاس فيلو دوست جي دڪان تي ويٺو. هن پنهنجي دڪان واري دوست کان هڪ ٻن دوستن بابت پڇيو هڪڙو اتي ئي شهر ۾ هو ٻئي اڪن  دودلاڻي جو ڪو پتو نه هو، سو موڳي مٽر ٺڪ سان سندس موبائل تي فون کڙڪايو، اڪن  فون اٽينڊ ڪيو حال احوال ٿيڻ لڳو ته موڳي مٽر کي اندازو ٿي ويو ته اڪن کيس ناهي سڃاتو، سو ٿورو حالي احوالي ٿيڻ بعد ٽڪ تي اڪن دودلاڻي کيس سڃاڻي ورتو. موڳي مٽر چيس ته ڀلا دويدار ڪرائين ته قرب ٿيندا مان اڌ ڪلاڪ کن انتظار ڪري سگهان ٿو پوءِ جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ، اڪن دودلاڻي چيس بس فون بند ڪري جان ڇڏ ته مان اڇان ٿو، 10 منٽ به نه گذريا ته اڪن پهچي ويو.

موڳي مٽر جو خيال هو ته اڄ اڪن سان ڪي ٻه چار ڀوڳ چرچا ڪري ٽهڪ ڏئي ڪجهه دردن کي داٻو ڏبو، سورن کي سانداڻ تي ڪٽڪو ڏئي ڪيهون ڪرائبيون پر ………..پر ائين نه ٿيو…..

اڪن دودلاڻي صفا ڀريو ويٺو هو، سماج جي اڻبرابري، ذات برادرين جي بنياد تي سماجري روين کان سياسي روين تائين اڻبرابري جي آڙاهه ۾ سڙندڙ روح جي رڳو ٻاڦ نڪتي، جنهن موڳي مٽر جا مشا ئي ڦيرائي هڻي لاهه ڪڍي ڇڏيا، موڳي مٽر جا اڃا تائين وائسر ڦريل َآهن، دماغ جا اکڙي ويل نٽ بلٽ جيئن ٿو ٽائيٽ ڪندي ڪندي هاڻي ته انهن جون چوڙيون ئي گسي ويون آهن….

اوهان به چوندا هوندوءَ موڳا پاڻ ته آهين ئي موڳو هروڀرو اسان کي ڇو ٿو پريشان ڪري جلدي ڪر اڪن سان آخر ڇا ٿيو آهي جو تون ايڏو پريشان آهين…

ها ته، اڪن دودلاڻي هلڪي ڦلڪي موسيقي بعد اندر جا اوٻر هارڻ لڳو…

يار مٽر ڳالهه ته ٻڌ اسان اڃا تائين ذاتين، قبيلائي وڏيرائپ، غريب ۽ امير واري طبقاتي نفرتن کي چنبڙيا پيا آهيون، توکي جيڪو وڻي سو نه رڳو چئو پر انسانيت جي به تذليل ڪندو وتين، ڇو جو تون آندلاڻي آهين ۽ مان توکي انڪري سچ نه چوان ڇوته مان دولاڻي آهيان… اهوڪٿان جو انصاف آهي. اسان جا چڱاڀلا ڏسڻا وائسڻا پڙهيا لکيا، ماضي ۾ انسانيت جا درس ڏيندڙ وڏا نالا به خاموش تماشائي نه پر خاموش ڏوهاري بڻيا ويٺا آهن.

اڪن جي پهرين اوٻر هڻي موڳي مٽر جا ڪن ڳاڙها ڪري ڇڏيا، سندس ڪنن مان نه پر اکين مان دونهان نڪري رهيا هئا.

کن پل لاءِ موڳو مٽر لڳل ڀڳ 27 سال ماضي ۾ هليو ويو ۽ اڪن جون ڏنگايون، ارڏايون ۽ همٿ واريون هڪلون ياد پيون، اوچتو اڪن جي گهايل آواز رهيل سهيل ست ڪڍي ڪڍي ڇڏيو….

مٽر جاني اهو سڀ ڪجهه مون سان ڇو ٿو ٿئي انڪري ته مان دودلاڻي آهيان، ۽ اهي جيڪي مون سان ائين ڪن ٿا انهن مان هڪڙا آندلاڻي، شاڪلاڻي، سانگهائي ته ٻيا سوڀائي آهن بس انڪري……

موڳا محبوب ، خبر اٿئي انهن آندلاڻين، شاڪلاڻين، سانگائين ۽ سوڀاين ۾ به مون جهڙا دودلاڻي اٿئي، هي اٿئي هڪڙو تنهنجي سامهون ويٺو اٿئي شمن سوڀايو، اهو جيڪڏهن سئو سيڪڙو نه تڏهن به 90 سيڪڙو مون جهڙو دودلاڻي اٿئي، پوءِ منهنجي ڳالهه مڃي يا نه مڃي……

موڳا جاني خبر اٿئي، اڄڪلهه فيس بڪ تي به اهڙا ماڻهو مڙس ماڻهو ٿي ويا اٿئي، چون ٿا،

آندلاڻي آهيون ڏنگا ته هونداسين… شاڪلاڻي آهيان ارڏو ته هوندس….. سانگهائي آهيان ڦڏو ته ڪندس…..سوڀائيو آهيان مڙس ماڻهو ته پڪ سان هوندس………

هاڻي ٻڌاءِ ته اسان ڪيڏانهن وڃون..

اڪن هڪ ٻيو وڏو انڪشاف به ڪيو، جنهن ته اصل منهنجا هڻي منهنجي هوش حواسن جا نٽ بلٽ ڍلا ڪري ڇڏيا جيڪي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود ٽائٽ نه پيا ٿين.

اڪن ٻڌايو ته، هتي هڪ آفيس ۾ هڪڙو ملازم آهي، جيڪو هتان جي ڏاڍن مڙسن جي ڀيٽ گهٽ ذات وارو آهي، انکي روز نه ته هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا پادر هڻندا آهن، ڇو ته اهي ان سرڪاري آفيس ۾ گهڻائي ۾ آهن، سالن کان ڪنهن به ٻي پاسي بدلي ٿيڻ ته انهن لاءِ ڄڻ ناممڪن آهي، ان “گهٽ ذات” واري ملازم کي ڪو نه ڪو بهانو ٺاهي پادر هڻڻ ڄڻ ته هاڻي سندن عادت بڻجي وئي آهي، جي ائين نه ڪن ته ڄڻ ماني هضم نه ٿيندن، انڪري اهو ملازم به ويچارو هنن ڏاڍن مڙسن جي صحت جو خيال رکندي اڃا ته خاموش آهي، پر ياد رک مٽر جيڪڏهن ڪڏهن کيس ڪجهه به ٿيو ته ان سڄي صورتحال جا ذميوار اسان سڀ هونداسين….

پيارا ، هتي هرڪنهن جا مفاد آهن، ڪو ڪروڙن جي ٺيڪن پٺيان، ڪو آفيسرن ۽ ٻين ملازمن جون بدليون ڪرائي، ڪجهه کان هڪ هنڌ “هڙ” وٺي ته ڪن کان وري ماهوار “مٺائي” يا “نظرانو” وٺي تر جا معزز بڻيا وتن.

گهڻا وري سول سوسائٽي جي نالي تي وڏيرن، ڀوتارن ۽ ڪامورن جي اڳيان پٺيان هلندي آهسته آهسته ڪرپشن مان مال ٺاهي نودولتيا بڻجي اڃا وڌيڪ مال گڏ ڪرڻ لاءِ ايندڙ اليڪشن جو انتظار ڪري رهيا آهن.

آخر ۾ هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کڻندي چيائين…… اڙڙڙي، بس ڙي جاني نه پڇ نه پڇ……ائين چئي اڪن خاموش ٿي ويو.

۽ ..

مون ٿڪل اکيون کڻي چاندي جهڙي ڏاڙهيءَ واري شمن سوڀايو ڏانهن ڏٺو جيڪو اڪن جي ڳالهين تي ڪنڌ جهڪايون ويٺو هو، اوچتو اٿيو ۽ موڪلائيندي چيو ته موڳا مٽر تون پراڻي سنگتي سان گڏيو آهين سو ڪچري  ڪر ان سان مونکي ٿورو ڪم آهي، بس هاڻي رابطي ۾ رهنداسين، ائين چئي هليو ويو.

مون اڪن ڏانهن نهاريو، موضوع مٽائڻ جي ڪوشش ڪندي اڪن کان پڇيو، ڏي خبر ڀلا نوڪري هلي پئي يا نه ؟

(اصل ۾ اڪن جون ڳالهيون ٻڌڻ جي سڪت نه هئي. نه چاهيندي به مجبورين جي ڪُن ۾ ڦاسي جذبن کي جهڙوڪر گهٽي مارڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ رڌل اڪن جون ڳالهيون ڪنڊيءَ جي ٽانڊن ۾ تپائي هنيانءُ ۾ گهپندڙ بڻڇيون بڻجي لڳي رهيون هيون، جيڪي مون جهڙي نام نهاد همدرد دوست جي برداشت کان چڙهيل هيون …….)

اڪن چيو نه يار اها ڇڏي ڏنم ، پگهار بند ڪري ڪميشن تي رکيائون سو گذارو نه پي ٿيو، سو ڇڏي آيس، مولا مالڪ آهي وري ڪٿي نه ڪٿي ميٽر چالو ڪنداسين…

ايتري ۾ موبائل فون جي گهنٽي وڳي، ڏٺم ته ننڍي ڀاءُ جي ڪال هئي، ڪال اٽينڊ ڪيم، خبر پئي ته، جنهن گاڏي ۾ ٽڪيٽ ورتي هئي اها منوڪلاڪ وقت کان اڳ ۾ پئي اچي، سو جلد باءِ پاس واري اسٽان تي پهچڻ لاءِ اٿيس….

اڪن چيو ڪيئن ويندين استان تي، مون وٽ موٽرسائيڪل آهي، ڇڏي ٿو اچانءِ اچ اچ ته هلئون…..

موڳو مٽر اڃا تائين ولوڙ ۾ آهي ته، آخر اسان جي ان شهر کي ٿي ڇا ويو آهي، جتي اسي جي شروعاتي ورهين واري سياسي ليڊر شپ هئي، انهن مان کوڙ سارا اڃا حال حيات آهن، پڙهيل لکيل سمجهدار ۽ هاڻي ته مڇي ماني لائق به آهن. پاڻ ڪمائي سگهن ٿا، مائٽن جي ڪلهن تي به نه آهن جو کڻي چئجي ته جيڪڏهن هن سڄي ماحول ۾ مداخلت ڪري ان کي ڪنهن حد تائين بهتر ڪن.

موڳو مٽر قبول ٿو ڪري ته هُو ان پوزيشن ۾ نه آهي ته، ذاتين ۽ نالن کي جيئن جو تيئن پيش ڪري اوهان کي ٻڌائي، اهو ڏوهه ڪرڻ تي اڳواٽ ئي معافي جو به طلبگار آهي، موڳو مٽر ان به ڏوهه ۾ برابر جو شريڪ آهي ته گذريل وڏي عرصي کان پنهنجي علائقي کان لاتعلق بڻيل آهي ( ڀلي ان پٺيان مجبوريون ڪيتريون به ڇو نه هجن).

موڳو مٽر اتي موجود سمورن پراڻن (سينئردوستن) کان سوال ڪري ٿو ته ڇا اوهان جي لاءِ اڄ جي صورتحال 80 واري ڏهاڪي کان وڌيڪ خراب آهي…؟؟

ياد رکو !! سزا علم، ڏاهپ، سوچ ۽ سمجهه لاءِ آهي، جهالت /جاهل لاءِ ڪا به سزا ناهي…

About Asghar Azad

Check Also

بلاول ڀٽو زرداري جو گووا ۾ هٿ جوڙي کيڪارڻ؛ چاڪيءَ جا ڏاند ۽ سنڌ – اصغر آزاد

بلاول ڀٽو زرداري جو گووا ۾ هٿ جوڙي کيڪارڻ؛ چاڪيءَ جا ڏاند ۽ سنڌ – …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *