Sunday , October 1 2023

موبائل فونز استعمال ڪندڙن لاءِ خوشبري، 100 رپين جي ڪارڊ تي پورو بئلنس ملندو

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ موبائيل فون ڪمپنيز هڪ سئو رپين جي ڪارڊ تي هڪ سئو رپيا بيلنس ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي موبائيل فون ڪمپنيز صارفين کي 15 ڏينهن لاءِ رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ايف بي آر جو چوڻ آهي ته اڄ رات 12هين وڳي کانپوءِ هڪ سئو رپين جي ڪارڊ تي هڪ سئو رپين جو ئي بيلنس ايندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته 15 ڏينهن کانپوءِ موبائيل فون ڪمپنيون ايف بي آر سان گڏجي ٽيڪسز جو نئون مڪينزم جوڙينديون. ياد رهي ته اڳ 100 رپين جي ڪارڊ تي ٽيڪس ڪٽوتي کانپوءِ 64 رپيا 28 پئسا ملندا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

نواز شريف، آصف زرداري، شهباز شريف، شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس بحال، نيب ترميمون رد

سپريم ڪورٽ نيب ترميمي بل ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، ن ليگ، پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *