Wednesday , October 4 2023

مهوش حيات ۽ فواد چوڌري وچ ۾ واسطا پر ڪهڙا؟

مهوش حيات کي تمغه امتياز ڪئين مليو؟ نيٺ خبر پئجي وئي، پي ٽي آءِ جي ڪهڙي اڳواڻ سندس سفارش ڪئي

ڪراچي( ڪلچرل رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان جي مشهور فلم اسٽار مهوش حيات کي تمغه امتياز ملڻ واري راز تان پردو کڄي ويو آهي، سڀ ڳالهيون نه رڳو ظاهر ٿي پيون آهن پر جنهن جي سفارش تي مهوش حيات کي اهو ايوارڊ ڏنو ويو هو ان شخص به اهڙو اعتراف ڪري ئي ورتو آهي. سماجي رابطن جي مختلف ويب سائيٽس تي به اها ڳالهه مشهور ٿي هئي ته مهوش حيات کي اهو ايوارڊ پي ٽي آءِ جي هڪ اهم اڳواڻ ۽ اداڪارا جي دوست جي چوڻ تي ڏنو ويو آهي، جنهن جي مهوش حيات ترديد پڻ ڪندي رهي آهي.

سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ نجي ٽي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته، مهوش حيات سندس پسنديده اداڪارا آهي، هوءِ کيس تمام گهڻي سٺي لڳندي آهي، انڪري تمغه امتياز ڏيارڻ لاءِ سندس سفارش ڪئي هئي جيڪا قبول پئجي وئي هئي. هن چيو ته تمغه امتياز ڏيارڻ جي لاءِ  مونکي ڪيترائي ماڻهو سفارش ڪندا آهن، پر هن ڪنهن جي به سفارش ناهي ڪئي.

فواد چوڌري اهو به اعتراف ڪيو  ته جيتوڻيڪ مهوش حيات کيس ان ايوارڊ ڏيارڻ جي سفارش ڪرڻ جو چيو به ڪو نه هو ۽ نه ئي ساڻس ملاقات به نه هئي، پر هن جي اداڪري وڻندي هئي ۽ مونکي سٺي اداڪر لڳندي آهي انڪري سفارش ڪري ڇڏي هئي.

ديواني جي خواب جهڙو نماڻو عرض– اصغر آزاد

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *