ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، ڪيس جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) بلاول ڀٽو زرداري کي پهريون ڀيرو، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي هڪ ڀيرو ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ سماءَ چار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ڪري ناڻو پرڏيهه منتقل ڪرڻ وارو ڪيس منتقي انجام جي ويجهو پهچي ويو آهي، ڪيس جي جاچ ڪندڙ جَي آءِ ٽي زرداري گروپ آف ڪمپنيز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سِي اِي او) بلاول ڀٽو زرداري کي پهريون ڀيرو نوٽيس جاري ڪندي 28 هين نومبر تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جي آءِ ٽي پاران اڳوڻي صدر آصف زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي به هڪ ڀيرو ٻيهر بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.جي آءِ ٽي بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي 82 هين نومبر تي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
Check Also
ڪارونجهر بابت سنڌ حڪومت جا سمورا فيصلا رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تاريخي حڪم
سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو هڪ ٻيو تاريخي فيصلو ڪراچي …