دادو (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد عجلي شاهه جي اباڻي ضلعي دادو جي جوهي شهر ۾ عورت جي تذليل واري واقعي تي، عورتن جي حقن جي علمبردار ۽ سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي مڪمل خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي، واقعي کي لڳ ڀڳ 15 ڪلاڪ (هي خبر ڇپجڻ تائين) گذرڻ باوجود وڏي وزير مراد علي شاهه سميت ڪنهن به چونڊيل معاملي جو نوٽيس ناهي ورتو. شهيد بينظير ڀٽو جي پارٽي ۽ عورتن جي حقن جي علمردار پيپلز پارٽي جي ڪنهن به وزير توڙي دادو مان پ پ جي ڪنهن چونڊيل نمائندي مذمت به نه ڪئي آهي. دادو مان سنڌ سماءَچار کي خبر ڏيندڙ www.sindhsamaachar.com جي خاص نمائندي پاران مقامي ماڻهن کان هٿ ڪيل معلومات مطابق، چوري جي الزام هيٺ عورت تي تشدد ڪندڙ اصغر غوري کي بااثر سياسي ماڻهن جي پٺڀرائي حاصيل آهي، انڪري تذليل واري واقعي وقت موجود پوليس اهلڪار به خوف ۾ خاموش هئا ۽ هيل تائين سندس خلاف به ڪنهن قسم جي ڪارروائي نه ٿي ٿي آهي. دادو پوليس اڃا تائين معاملي کي ڪنهن راڄوڻي / جرڳي ذريعي معاملي کي لئي مٽي ڪرائڻ جي چڪر ۾ رڌل آهي. عورت جي تذليل جي معاملي تي ڪروڙين رپين جي فنڊز تي هلندڙ اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي به خاموش تماشائي بڻيل آهي
Check Also
ڪراچي ۾ دهشتگردي، سينيئر وڪيل اڪرم ابڙو پٽ سميت قتل,2 ڄڻا مرڻينگ
ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌ سماچار) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ، …