Thursday , May 30 2024

مان تنهنجو ويلنٽائن ناهيان…! – الهه بخش راٺوڙ

valentine day1

مون ناليواري ڀارتي شاعر جاويد اختر جو ڪنهن انڊين ٽي وي چينل تان انٽرويو پئي ٻڌو مون کان ان وقت ڇرڪ نڪتو جڏهن هن چيو ته”رشتا تبديل ٿيڻ ۾ ڪجهه پل لڳندا آهن، جيڪو توهان جو دوست هوندو آهي، کن پل ۾ محبوب ٿي ويندو آهي ۽ اهو پل ئي هوندو آهي جيڪو انسان کي مڪمل طور تي بدلائي ڇڏيندو آهي“.پر هي به حقيقت آهي ته ڪجهه رشتا پيار مان دوستيءَ ۾ تبديل ٿيڻ ۾ توڙي جو چڱو چوکو وقت وٺندا آهن، پر بدلجي ويندا آهن.اينٿروپالاجي جي ڪجهه عالمن جو وري هي چوڻ آهي ته ”love is whispering of our forefathers“ ۽ اها سسپس ڪڏهن، اهڙي ڏند ڪٿا ٿي پئي جو ان جي اڳڪٿي ڪري نٿي سگهجي.

نينا ڪئناڊا جي شهريت رکي ٿي، پر هوءَ پلي وڏي ٿي ڪراچيءَ ۾.هن جي ڳالهائڻ جو انداز تڪڙو ۽ سڀاءَ پنهنجائپ واري آهي.هوءَ ڪجهه سال اڳ پنهنجي سهيلي جيڪا پڻ منهنجي پراڻي سنگتياڻي آهي، ان سان گڏجي ڪنهن برگر هائوس ۾ آئي هئي.ڪجهه هفتا ملاقاتن کانپوءِ ائين ئي دوست ٿي وئي هئي، جيئن ڪو دل گهريو دوست ٿي سگهي ٿو.هڪ ڀيري هوءَ منهنجي سنگتياڻيءَ سان گڏ اچڻ بدران اڪيلي آئي ۽ اسان ائين ئي ڪچهري ڪئي جيئن معمول مطابق ڪندا هئاسين.هن ملاقات ۾ هن جي اکين جي شرارت ئي نرالي هئي، هوءَ انتهائي بي تڪلفي سان ڳالهائي رهي هئي.هن اهو به نه ٻڌايو ته مون واري سنگتياڻي ڇو نه آئي هئي.پر هن جي اسٽائلش ڪپڙن ۽ انداز مان ائين محسوس ٿيو پئي ته هوءَ ڄڻ خاص مشن تي هئي.هڪ اڌ ملاقات کانپوءِ هن سان گهرائپ گهڻي وڌي وئي هئي ۽ منهنجي اندر ۾ نين ڪيفيتن جنم ورتو هو.بس ڪڏهن ڪڏهن ته ملڻ لاءِ بي چيني ۽ اڻ تڻ ٿيندي هئي.اهڙين ملاقاتن ڄڻ بقول جاويد اختر جي ڪنهن نئين رشتي جنم ورتو هو.

هن کي هي چڱي ريت خبر هئي ته انسان جيڪڏهن ڪنهن هڪ ماڻهوءَ سان ئي زندگي گهارڻ جو فيصلو ڪري ته پوءِ ان جي جذبن کي ڪنهن به صورت ۾ مجروح نه ڪري. هن کي منهنجي اها ڳالهه سٺي به لڳندي هئي، پر هن جي دل ڪجهه ٻيو چاهيو پئي.پر هي به اتفاق هو ته هن جي والدين جا وڏا خواب ۽ سپنا به هئا، جن جي حاصلات لاءِ هن کي قربانيءَ جي ٻڪري ٿيڻو هو ۽ ٿيو به ائين.! عورتون يا ڇوڪريون پاڻ کي ڪيترو به آزاد سمجهن پر انهن کي والدين جي خواهشن جي اڳيان گوڏا کوڙڻا ئي پون ٿا.نينا سان به ائين ئي ٿيو.

نينا جي شادي سندس پرانهين سوٽ سان ٿي، هو لنڊن مان ڊگري وٺي ڪئناڊا ڏانهن اسهي رهيو هو، هن جا والدين به فوج ۾ اعليَ عهدن تي هئا، پر هن جا ڇوڪرين جي حوالي سان سوچ ڪنهن قدامت پسند کان گهٽ نه هئي ۽ نينا جي پالنا وري هڪ لبرل گهراڻي ۾ ٿي هئي.هن جا سمورا دوست به اهڙا ئي هئا، وڏي ڳالهه ته هو نينا کي پسند به نه ڪندو هو پر ان جي باوجود هن اهو رشتو قبول ڪيو ۽ ان جو سبب هن مائٽن جي خوشي ٻڌايو.هي والدين جي اهائي خوشي آهي جنهن لاءِ ڇوڪريون پنهنجن سمورين خواهشن ۽ خوشين کي ٽياس تي ٽنگي ڇڏينديون آهن.!

پنجن سالن جي ساهيءَ کانپوءِ نينا وري ڪراچي موٽي آئي.هوءَ وئي ته اڪيلي هئي پر پاڻ سان گڏ ٻه معصوم ۽ ابهم ٻارڙا به وٺي آئي، هي بلڪل معصوم فرشتن جهڙا هئا.هنن ٻارڙن جا وار پشم جهڙا هئا ۽ ڳل گلابي هئا، اهڙا جهڙا شاديءَ کان اڳ هنن جي ماءَ جا هئا.پر واپسيءَ کانپوءِ هوءَ سمورا ٽهڪ ۽ مسڪراهٽون ڄڻ ڪئناڊا ۾ ڇڏي آئي هئي.هن ايندي ئي پراڻن دوستن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، ڇوڪرين مان اڪثر شاديون ڪري گهر وسائي ويٺيون، پر ان جي ويجهي سنگتياڻي اڃان تائين ويٺي هئي، هوءَ پنهنجن دوستن کي چوندي هئي ته ”ڇورا توهان ته وڃي گهر وسايا پر مان اڪيلي رهجي ويس“!

هڪ ڏينهن هن سمنڊ ڪناري هلڻ لاءِ چيو، هوءَ سينٽ پٽ (Sand
Pit) هلڻ لاءِ زور ڀري رهي هئي.گاڏي تي ويندي مونکي فيض احمد فيض جو سٽون ياد اچڻ لڳيون:

يي خون ڪي مهڪ هي،

ڪه لب يار ڪي خوشبو.

ڪس راهه ڪي جانب سي،

صبا آتي هي ديڪهو.

گلشن مين بهار آئي هي،

زندان هوئا آباد،

ڪس سمت سي نغمون ڪي،

سدا آتي هي ديڪهو.

هن پهچندي ئي سمنڊ جي تيز لهرن سان گڏ پنهنجي ڪئناڊا ياترا جون ڪهاڻيون ٻڌائڻ شروع ڪيون.

چوڻ لڳي:ڇا مان توکي ڪڏهن به ياد نه آيس؟ ڇا مان ايتري پٿر جي دل رکي سگهان ٿي؟ تو ته هڪڙو فون ڪرڻ جي زحمت به نه ڪئي؟

هن جي ڪنهن به سوال جو جواب مون نٿي ڏيڻ چاهيو.مون چاهيو پئي ته ڀلي هوءَ پنهنجي اندر جو اوٻر ڪڍي، من هلڪو ڪري.انڪري اڄ مون کي ڪن ٿيڻو پيو.

وري چوڻ لڳي: مان هميشه لاءِ ڪئناڊا ڇڏي اچي وئي آهيان!

مون کان ڇرڪ نڪري ويو چيم سانئڻ خيريت ته آهي؟

منهنجي سوال کي هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو.

چيائين: مون وٽ ڪئناڊا ۾ سڀ ڪجهه هو، هر آرائش، هر عياشي.توکي خبر آهي ته منهنجو مڙس ڪئناڊا جي فوج ۾ اهم عهدي تي هو.هي جنرل دنيا جون سرحدون فتح ڪري سگهيو ٿي، پر منهنجي دل کي کٽي نه سگهيو.!

اهڙي پل ۾ مون کي نيپولن بوناپارٽ ياد آيو،هن پنهنجي محبوبا اڳيان نڪ گسائي ڇڏيو هو تڏهن به هن جي دل کٽي نه سگهيو هو.!

۽ پوءِ هن پنهنجي ڪهاڻي جاري رکي.

چوڻ لڳي:هي ڏس مان ته اتي شاعرا بڻي ويس، هي پڙهي ڏس نظم جيڪي ۾ اڪيلائي ۾ لکيا، جنهن جي سڌ جنرل صاحب کي به نه پئي.هو جڏهن گهر مان نڪرندو هو ته سک جو ساهه کڻندي هيس ۽ پوءِ شاعريءَ ئي منهنجي اڪيلائي جي ساٿياڻي بڻي. ڏس زندگي ۾ جيڪو ڪجهه به ملي اهو اهم ناهي، پر اهم هي آهي ته جڏهن ٻن روحن جو ميلاپ ٿئي ته انهن ۾ ڪوڀنڻ نه ٿئي.مون کي وديش ۾ ٻيو سڀ ڪجهه مليو پر پيار نه مليو.پر مان پنهنجن ٻارڙن کي ان پيار کان محروم ڪڏهن به ڪنديس،جنهن کان منهنجن والدين ڪيو.! هي جيڪي اسريل ملڪ ڏسي ٿو نه پيار اتي به آهي، پر اتي ان جي عمر ڏاڍي مختصر ٿئي ٿي.بس جدائي هر پل دستڪ ڏيندي رهي ٿي.

مان هن جي شاعريءَ کي پڙهڻ لڳس، واهه هي ته شاهڪار آهي.هن جو Theem ته اهڙو ئي هو، جهڙو , Gabriel García Márquez جي ناول One Hundred Years of Solitude جو. هن گارشيا جيان پنهنجي دل جي دنيا آباد ڪئي هئي.

هوءَ ٿوري دير خاموش ٿيڻ کانپوءِ وري پنهنجي ڳالهه کي جاري رکڻ لڳي.

چوڻ لڳي:دوست اڄ توکي خبر آهي نه ته ڪهڙو ڏينهن آهي؟

مون هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.

”پوءِ ڇو نه ماضي ڏانهن موٽي هلون ۽ جتان اسان جي پيار جي ڪڙي ٽٽي هئي؟ اتان ئي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪريون؟ ڇا تون مون کي ٻيهر پنهنجونه ڪندي؟

”مان انسان جي جسماني موهت کان گهڻو اڳتي ڏسندو آهيان، مان روح جي پاتال ۾ وسڻ جو عادي آهيان پر هن وڏي ڏينهن تي سچ ٻڌايان ٿو ته مان تنهنجو ويلنٽائين ناهيان“

۽ پوءِ مون کي هن جي شاعريءَ جا بند منهنجن اکين اڳيان رقص ڪرڻ لڳا:

بي نياز غم پيمان وفا هوجانا،

تم بهي اورون ڪي طرح،

مجهي سي جدا هو جانا،

مين ڀي پلڪون پي،

سجا لوگا لهو ڪي بوندين،

تم ڀي پابستان زنجير،

حنا هو جانا،

گر چه اب ڪرب ڪا امڪان،

هي بهت ڪم مگرڦر ڀي،

ڪهين مل جائين تو ،

تصوير نما ها جانا،

خلق ڪي سنگين زني ،

ميري خطائون ڪا سلا.

تم تومعصوم هو،

تم دور ذرا هو جانا،

تم ڪسي اور پوجاري ڪي،

خدا هوجانا.!!

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *