Wednesday , October 9 2024

ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد فوجي تحويل ۾، ڪورٽ مارشل شروع

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد شروع، پاڪ فوج، ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪندي کيس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو؛ سندس خلاف آرمي ايڪٽ جي ضابطن تحت ڪارروائي به شروع ڪئي وئي، ڪارروائي پاڪ سٽي هائوسنگ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد ڪندي ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت پاڪ سٽي ڪيس تي عملدرآمد ڪندي ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ جي قلمن تحت ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪندي ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ فيض حميد خلاف ٽاپ سٽي ڪيس ۾ شڪايتن جي درستگي جو پتو لڳائڻ لاءِ جاچ ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر موجب فيض حميد کي فوجي تحويل ۾ وٺي سندس خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف ان جي رٽائرمينٽ کانپوءِ پاڪستان آرمي ايڪٽ جون ڪيتريون ئي ڀڃڪڙيون ثابت ٿي چڪيون آهن.

ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر چيو آهي ته فوج ۾ خود احتسابي، سخت، شفاف ۽ خودڪار عمل آهي، جيڪو هر وقت جاري رهندو آهي، جيترو وڏو عهدو ۽ ذميواري هوندي، احتساب جوعمل به ايترو ئي سخت ٿي ويندو آهي، آءِ ايس پي آر، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته فوج ۾ سخت احتساب بابت 7 مئي جي پريس ڪانفرنس ۾ سمورا تفصيل واضح ڪيا ويا آهن، اسان کي پنهنجي اڪائونٽيبلٽي سسٽم تي فخر آهي، اسان جو احتساب وارو عمل الزامن تي نه پر حقيقتن تي ٻڌل هوندو آهي، سڀني جو احتساب بنا فرق جي ٿيندو آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

پاڪ – ايران گئس پائيپ لائين؛ پاڪستان کي ايران جو آخري نوٽيس

پاڪستان؛ آمريڪي پابندين سبب پاڪ ايران گئس پائيپ لائن منصوبي تي عمل نه ڪيو، هاڻي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *