دادو (رپورٽر سنڌ سماءَ چار) پيپلزپارٽي پاران اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي جي تڪ ۾ سياسي طاقت جي مظاهري لاءِ ميهڙ ويجهو ڳوٺ بخش لاکير ۾ جلسو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بجلي، پاڻي ۽ ٻين وسيلن جي ورڇ ۾ وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي، اڄوڪي جلسي مخالفن کي اهو پيغام ڏنو آهي ته ٻيهر ووٽ وٺڻ سنڌ نه اچجو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاه چيو آهي ته نام نهاد پارٽين جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ نه پر صرف اقتدار حاصل ڪرڻ آهي. ڳوٺ بخش لاکير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته بجلي، پاڻي ۽ ٻين معاملن تي وفاق سنڌ سان ماتيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. اڄوڪي جلسي ۾ مخالفن کي اهو سبق مليو آهي ته ٻيهر سنڌ مان ووٽ وٺڻ نه اچجو. هن چيو ته سنڌ جو عوام ووٽ صرف پ پ کي ڏيندو، اسان ٻيهڙ چونڊون کٽي بلاول کي وزير اعظم ڪنداسين.مراد علي شاهه چيو ته سڀاڻي پ پ طرفان حيدرآباد ۾ وفاق جي ذيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويندو.جلسي کي ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو ان موقعي تي برگيڊيئر رٽائرڊ طارق لاکير پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
Check Also
ڪراچي ۾ دهشتگردي، سينيئر وڪيل اڪرم ابڙو پٽ سميت قتل,2 ڄڻا مرڻينگ
ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌ سماچار) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ، …