Monday , July 15 2024

لوڊ شيڊنگ سنڌ واسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي: ناصر شاهه

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ جي سڌ سماءَ جي  وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي لوڊشيڊنگ سبب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، ڪٿي آهي شهباز شريف جيڪو پکو کڻي احتجاج ڪندو هو. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ وفاق جي پيدا ڪيل آهي، پاڻي کوٽ خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. ميان صاحب ممبئي حملن بابت بيان ڏئي پنهنجي پوري پارٽي کي پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير چيو ته وزيراعظم سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ هڪ ۽ اسيمبلي ۾ ٻيو بيان ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته وزيراعظم پارليامينٽ اچي آگاهه ڪري ته هن سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ ڪهڙو بيان ڏنو آهي، هر جڳهه وزيراعظم پنهنجو بيان تبديل ڪري رهيو آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته ميان صاحب پنهنجي غلط مقصدن ۾ ڪامياب ٿي نٿو سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

عوامي تحريڪ جو جرڳن ۽ جرڳا ڪندڙ سردارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر  سنڌسماءَچار) عوامي تحريڪ پاران جرڳن، جرڳا ڪندڙ سردارن ۽ سندن سهولتڪار پوليس …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *