Monday , June 24 2024

لنڊن ۾ مني لانڊرنگ جي الزام هيٺ پاڪستاني سياسي شخصيت زال سميت گرفتار ۽ آزاد

لنڊن(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) برطانوي اختيارين مني لانڊرنگ جي الزام هيٺ پاڪستان جي اهم سياسي شخصيت کي حراست ۾ ورتو. ميڊيا رپورٽن مطابق، گرفتار ڪيل هڪ اهم پاڪستاني سياسي شخصيت آھي ۽ ان جي گهرواري کي به حراست ۾ ورتو ويو. ٻنهي کان سندن لنڊن ۾ 80 لک پائونڊن جي ملڪيت بابت پڇاڳاڇا ڪئي وئي، جنهن بابت ڪي به مناسب جپاب نه ڏئي سگهيا. رپورٽس مطابق پاڪستاني جوڙي کي پڇاڳاڇا بعد آزاد ڪيو ويو آهي. ٻنهي کي ايف آءِ اي ۽ نيب جي مدد سان حراست ۾ ورتو ويو، جن کان ٻيهر پڇاڳاڇا به ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري دنيا مان ڪعبته الله شريف پهتل 20 لک کان وڌيڪ مسلمانن حج جو فرض ادا ڪري ڇڏيو

”دعائن جا سڀ کان وڌيڪ حقدار فلسطيني آهن، جن وٽ کاڌو ۽ پيئڻ جو پاڻي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *