Monday , July 22 2024

لاڙڪاڻي جو بلڊر ۽ بااثر شخص ڳهڻو خان جتوئي ڊرائيور سميت اغوا

خيرپور / لاڙڪاڻو ( خاص نمائندا   سنڌ سماچار) خيرپور-لاڙڪاڻو روڊ تان مشهور بلڊر ۽ انتهائي بااثر ڳهڻو خان جتوئي ڊرائيور سميت اغوا ٿي ويو، ڳهڻي خان جتوئي کي ڌاڙيل گاڏي سميت اغوا ڪري ويا، پوليس پيرين سان گڏ ڪچي طرف رواني. لاڙڪاڻي جي انتهائي بااثر شخص ۽ مشهور بلڊر ڳهڻو خان جتوئي لاڙڪاڻو خيرپور پل واري روڊ تان خيرپور ضلعي جي حدن مان ڊرائيور سميت اغوا ٿي ويو، ڳهڻو خان جتوئي ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو دير سان اسلام آباد کان واپس لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو ته ڌاڙيل کيس اغوا ڪري ويا، ڌاڙيل ڳهڻي خان جتوئي کي پهريان سندس گاڏي ۽ ڊرائيور سميت اغوا ڪري ڪجهه پنڌ تي قائم پوليس چوڪي وٽ سندس گاڏي ڇڏي پاڻ سان گڏ ڪچي طرف کڻي روانا ٿي ويا.

محبوب ڪلهوڙو ٿاڻي جي حد مان بلڊر جي اغوا جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڳهڻو جتوئي جي گاڏي تحويل ۾ وٺي ڇڏي، پوليس جو چوڻ آهي ته پيرين سان گڏجي ڌاڙيلن جو پيڇو ڪيو پيو وڃي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بلڊر ڳهڻو خان جتوئي جي اغوا جو نوٽيس وٺي لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ڳهڻو خان جتوئي کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي. علائقي واسين جو چوڻ  آهي ته خيرپور يا لاڙڪاڻي جي پوليس جو خيرپور جي گمبٽ واري ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن ڪرڻ آسان نه هوندو، برادري تڪرارن تان ڪچي ۾ ٿيندڙ جهيڙن ۾ به جيڪڏهن ڪو ماڻهو مارجي ويندو آهي ته پوليس لاش کڻائڻ لاءِ به ڪچي ۾ ناهي ويندي، وارث يا علائقي  واسي ئي لاش کڻائي اسپتال پهچائيندا آهن.

ساوند_سندراڻي تڪرار جو جرڳو، ڌرين تي ڇهه ڪروڙ36لک رپيا ڏنڊ مقرر

About Ahmedbilal

Check Also

ملڪي سياست ۾ نئون ڀونچال، مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم، پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي حقدار قرار

ملڪي سياست ۾ نئون ڀونچال، مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم، پي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *