Monday , July 22 2024

لئنسڊائون پل جي بحالي، هڪ پاسو شهرين لاءِ کوليو ويو

روهڙي ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ تي قائم قديمي لئنسڊائون پل جي بحالي ۽ مرمت جو ڪم تيزي سان جاري، پل جي هڪ پاسي جي فوٽ اچ وڃ لاءِ کوليو ويو، سينيئر وڪيل سهيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي پل جو مرمتي ڪم جلد مڪمل ٿي ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي روهڙي ۽ سکر کي ملائيندڙ لئنسڊائون پل جي بحالي ۽ مرمتي ڪم مرحيلوار هلندڙ آهي، پهرين مرحلي ۾ پل جي هڪ پاسي جي پيادل ماڻهن لاءِ ٺهيل فوٽ پاٿ جو مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ تي عيد کان اڳ ئي شهرين جي اچ وڃ لاءِ کوليي وئي آهي.

پل جي بحالي بابت قانوني جنگ وڙهندڙ ۽ مرمتي ڪم ۽ بحالي جي نگراني لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران عدالتي مدد ۽ سهڪار لاءِ مقرر ڪيل سينيئر وڪيل سهيل ميمڻ سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، ڪوشش آهي ته لئنسڊائون پل جي مڪمل بحالي ۽ مرمت وارو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.

سهيل ميمڻ ٻڌايو ته، مرمتي ڪم جي پهرين مرحلي ۾ ٻين ڪمن سان گڏ فوٽ پاٿ جي بحالي ۽ مرمتي ڪم اوليتي بنياد تي شروع ڪيو ويو، جيڪيو تيزي سان هلندڙ آهي، پل تي هڪ پاسي جي فوٽ پاٿ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ اينٽيڪوئٽي ۽ ثاقفت کاتي جي لاڳاپيل اختيارين سنجيدگي ڏيکاري رهيا آهن، فوٽ پٿ جو ڪم ڪم مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪري شهرين جي اچ وڃ لاءِ کوليو ويو آهي. سهيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته، عيد الاضحيٰ کان ٻه ڏينهن اڳ فوٽ پاٿ جي هڪ پاسي کي کولڻ لاءِ هڪ ننڍڙي افتتاحي تقريب ڪئي جنهن ۾ شهر جي ننڍڙن ٻارڙن کان فيٿو ڪٽرائي افتتاح ڪيو ويو، ان تقريب ۾ به مردن، عورتن خاص طور تي ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اسان جي ڪوشش آهي ته پل جي مڪمل بحالي ۽ مرمت جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪري عام اچ وڃ لاءِ کوليو وڃي، لئنسڊائون پل جي مڪمل بحالي سان پل وٽ درياءَ جي ٻنهي پاسن کان هڪ نئين تفريحي ماڳ جو اضافو ٿيندو، جنهن سان نه رڳو سکر، روهڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي ماڻهن لاءِ پر ٻين علائقن مان ايندڙ ماڻهن جي تفريح لاءِ به هڪ سٺو ماڳ ثابت ٿيندو، جنهن سان ٻنهي شهرن جي ڪاروباري سرگرمين تي به مثبت اثر پوندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ سهيل ميمڻ ٻڌايو ته، لئنسڊائون پل جي بحالي سميت مختلف تاريخي ماڳن جي بحالي لاءِ اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن تي عدالت لئنسڊائون پل سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي تاريخي ماڳن جي بحالي ۽ مرمت جو حڪم ڏنو هو، جنهن ۾ معصوم شاهه جو منارو ۽ سَتين جو آستان به شامل آهي، جن جو به مرمتي ڪم جاري آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ حڪم تحت گهنٽاگهر سکر جي بحالي وارو معاملو هلندڙ آهي، جنهن تي به جلد ڪم شروع ٿي ويندو.

About Ahmedbilal

Check Also

ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اتحادي حڪومت18مهينن جي مهمان: عالمي اداري جي اڳڪٿي

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) مجودهه حڪومت 18 مهيننن جي مهمان آهي، عمران خان قيد يا نظربند …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *