قلندرشهباز جي مزار تي ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي فرياد داخل ڪئي وئي آهي، سرڪاري مدعيت ۾ ٻن ڏينهن بعد فرياد داخل ڪئي وئي آهي.
سيوهڻ ٿاڻي تي داخل ڪيل فرياد ۾ چيو ويو آهي ته قلندر شهباز جي مزار تي گشت دوران 4 شڪي ماڻهن کي مزار جي احاطي اندر ڏٺو ويو، پيٽرولنگ ٽيم ڊيوٽي تي موجود عبدالعليم کي هدايت ڪئي وئي ته شڪي ماڻهن جي تلاشي وٺي. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته ، جيئن ڪانسٽيبل عبدالعليم شڪي ماڻهن مان هڪ کي تلاشي ڏيڻ لاءِ بيهڻ جو چيو ته ان دوران زوردار ڌماڪو ٿي ۽ مزار اندر ۽ احاطي ۾ موجد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.
ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، مزار جي احاطي ۾ 4 شڪي ماڻهو جيئن ئي داخل ٿيا ته ڪجهه لمحن ۾ 3 ٺڻن هڪ شخص کي ڀاڪر پائي ان کان موڪلايو ۽ ڌماڪي ٿيڻ بعد اهي باقي 3 ماڻهو به ڌماڪي سبب ٿيل صورتحال سبب گم ٿي ويا.