Monday , July 15 2024

فيض گنج ۾ پسند جي پرڻي تان معصوم ٻارِڙِي سميت 3 ڄڻا قتل

اُمن چودڳي ڀرسان عيد جي ڏينهن هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ٻارِڙِي سميت ٽَي ڄڻا قتل، قاتل ڀڄي ويا

ٽِن ڄڻن جي قتل جو واقعو پسند جو پرڻو ڪرڻ تان پيش آيو: علائقي واسي / وارث

فيض گنج ( نمائندو   سنڌسماءَچار ) فيض گنج جي اُمن چودڳي ڀرسان عيد جي ڏينهن هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ٻارِڙِي سميت ٽَي ڄڻا قتل، قاتل ڀڄي ويا، وارثن ۽ علائقي واسين جو چون آهي ته واقعو پسند جو پرڻو ڪرڻ تان پيش آيو. اُمن چودڳي ڀرسان تاڙ ۾ ويٺل وحشي هٿياربندن فائرنگ ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جي ڀاءُ سميت ٽِن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، موٽرسائيڪل سوار هٿياربند آساني سان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو ٿڏي تي مارجي ويو، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل هڪ معصوم ٻارڙي سميت ٻن ڄڻن کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران زخمن جي سَٽَ نه سهندي ٻنهي ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو. فائرنگ ۾ مارجي ويلن ۾ عاشق حسين راڄپر، الاهيد بخش ۽ سندس پنجن سالن جي معصوم نياڻي صدوري راڄپر شامل آهن.

مارجي ويلن جي وارثن جو چوڻ آهي ته، سندن نوجوان عاشق حسين ڪجهه عرصو اڳ چانگ برادري جي ڇوڪريءَ سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان ڇوڪريءَ جي مائٽن سان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، فائرنگ وقت هُو ته اتي موجود نه هئا پر معلوم ٿيو آهي موٽرسائيڪل سوار هٿياربند فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي ٿڏي گتي قتل ۽ ٻن ڄڻن کي مرڻينگ ڪرڻ بعد ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. عيد جي پهرين ڏينهن تي ٽِن ڄڻن جي قتل واري واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ ڏک وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، علائقي جي سڄاڻ ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن ۽ سندن سهولتڪارن کي فوري طور گرفتار ڪري انجام تائين پهچايو وڃي، جيئن وڌيڪ ڪنهن به نقصان کان بچي سگهجي.

About Ahmedbilal

Check Also

عوامي تحريڪ جو جرڳن ۽ جرڳا ڪندڙ سردارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر  سنڌسماءَچار) عوامي تحريڪ پاران جرڳن، جرڳا ڪندڙ سردارن ۽ سندن سهولتڪار پوليس …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *