Sunday , October 1 2023

فيصل آباد ۾ ن ليگ اڳواڻ جو عورت تي بي رحماڻو تشدد

فيصل آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ)  فيصل آباد ۾ بااثر ماڻهن پاران هڪ گهر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي هڪ جوابدار عورت تي وحشياڻو تشدد ڪيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. فيصل آباد ۾ بااثر جوابدارن هڪ گهر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪ عورت ساڻن مزاحمت ڪئي.

مزاحمت ڪرڻ تي هڪ بااثر جوابدار عورت تي وحشياڻو تشدد ڪري ٿو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ هڪ بااثر جوابدار کي عورت سميت بيٺل ماڻهن کي لتون هڻندي ڏسي سگهجي ٿو جنهن بعد جوابدار فرار ٿي وڃي ٿو. وڊيو ۾ بااثر جي وحشياڻي تشدد دوران پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي ٿي پر جوابدار خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ڪري.ٻئي پاسي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف معاملي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نواز شريف، آصف زرداري، شهباز شريف، شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس بحال، نيب ترميمون رد

سپريم ڪورٽ نيب ترميمي بل ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، ن ليگ، پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *