Thursday , May 30 2024

فلسطين جي نالي تي پ پ پاران ڪڻڪ جي واپارين کي فائدو پهچائڻ جو منصوبو!!

پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ آبادگارن کي بارداڻو مهيا نه ڪرڻ ۽ ڪڻڪ سرڪاري اگهه تي خريد نه ڪرڻ کانپوءِ؛ فلسطين جي نالي تي ڪڻڪ جي مقامي واپارين ۽ ايڪسپورٽرز کي فائدو پهچائڻ جي نئين رٿا تيار ڪري ورتي

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ آبادگارن کي بارداڻو مهيا نه ڪرڻ ۽ ڪڻڪ سرڪاري اگهه تي خريد نه ڪرڻ کانپوءِ؛ فلسطين جي نالي تي ڪڻڪ جي مقامي واپارين ۽ ايڪسپورٽرز کي فائدو پهچائڻ جي نئين رٿا تيار ڪري ورتي آهي، بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي دعويٰ ڪئي ته سنڌ حڪومت آبادگارن ۽ هارين کان سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، جنهن  سانا آبادگارن کي فائدو پيو، هن چيو ته پنجاب حڪومت ڪڻڪ جي خريداري ئي ناهي ڪئي، انڪري پنجاب جو آبادگار پريشان آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي اتحادي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته، ڪنهن به صورت ۾ آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪري اها فلسطين جي عوام ڏانهن اماڻي وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي. هن چيو ته مخالف ڌر جا ميمبر اڄ ايوانن ۾ اچي پنهنجي ذميواري وساري ويٺا آهن، بجيٽ واري معاملي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اهي روئي رهيا آهن، جيڪڏهن توهان ماڻهن کي پگهارون ملي رهيون آهن ته روئڻ بند ڪريو ۽ ملڪ جي بهتري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو. عوامي مسئلن تي بحث ڪريو.

هن چيو ته سنڌ جي اسپتالن ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو اچي علاج ڪن ٿا، اسان مفت علاج جو مثالي ڪم ڪيو آهي، صدر زرداري باقي صوبن کي به معياري ڪم ڪرڻ جو چيو آهي. حڪومت ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري، وزيراعظم ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن کي ڳولي لهي، پنجاب حڪومت اڃا تائين ڪڻڪ خريد نه ڪئي آهي، حڪومت ڪميٽي کي راند ڪرڻ بند ڪري، حڪومت کي گهرجي ته ڪڻڪ اسڪينڊل تي ڌيان ڏئي. هارين جا مسئلا اسان جو هاري خوشحال هوندو ته ملڪ خوشحال هوندو. هارين جو نقصان مهانگائي نه پر نااهل ماڻهن جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي ٿي آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

“صدين کان آباد پنهنجا ڳوٺ خالي ڪيو”، ملير جي ڳوٺاڻن کي نادر شاهي حڪم

“صدين کان آباد پنهنجا ڳوٺ خالي ڪيو”، ملير جي ڳوٺاڻن کي نادر شاهي حڪم   …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *