Wednesday , April 17 2024

فسادن ۾ گهيريل ملڪ ۽ آپريشن ردالفساد – نصير ميمڻ

Naseer memonنصيرميمڻ

گذريل ٻن هفتن کان ملڪ جي چئني صوبن ۾ دهشتگرديءَ جي وڏن واقعن جي نئين لهر کانپوءِ فوج پاران سڄي ملڪ ۾ آپريشن ردالفساد شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. گذريل اڍائي ٽن سالن کان ملڪ اندر مختلف نوعيت جا آپريشن هلي رهيا هئا. ڪراچيءَ ۾ رينجرز، بلوچستان ۾ ايف سي ۽ فاٽا ۾ فوج پاران لڳاتار آپريشن هلندڙ هئا. فاٽا جيڪو 1980ع جي ڏهاڪي کان وٺي جهادي ويڙهاڪن جو مضبوط مرڪز هو، ان کي وڏي حد تائين دهشتگردن کان آجو ڪيو ويو پر, درحقيقت دهشتگرديءَ جي پاڙ اتي اڃان به موجود هئي. فاٽا ۾ آپريشن دوران روزانو درجنين دهشتگردن جي مارجڻ ۽ سندن ٺڪاڻا تباهه ٿيڻ جا اعلان ٿيندا رهيا ۽ وقتي طور تي دهشتگرديءَ جي واقعن کي ٻنجو به اچڻ لڳو. جيتوڻيڪ ان عرصي دوران به بلوچستان ۽ پنجاب ۾ دهشتگرديءَ جا وڏا واقعا رپورٽ ٿيا پر، صورتحال ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر ٿيڻ لڳي هئي. ان آپريشن دوران البته ڪجهه معاملا اڻ نبريل رهيا. جنهنڪري ملڪ جا سڄاڻ حلقا وقت بوقت ان خدشي جو اظهار ڪندا رهيا ته دهشتگرديءَ جو ورجاءُ ممڪن آهي. فاٽا ۾ آپريشن ٿيڻ جو هڪ نتيجو اهو نڪتو جو سوات آپريشن جيان ڪيترائي ويڙهاڪ روپ مٽائي افغانستان، سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ پنهنجي نيٽ ورڪس وٺ وڃي پناهه ورتي ۽ پاڻ کي ٻيهر منظم ڪرڻ شروع ڪيو. فاٽا ۾ ٿيل آپريشن جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه ته ٿيا پر، انهن جا ٻين علائقن خاص طور تي پنجاب ۾ موجود ٺڪاڻا ساڳي طرح برقرار رهيا. فاٽا، ڪراچي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سخت آپريشن کانپوءِ ويڙهاڪ گروهن جا مضبوط ڳڙهه پنجاب ۾ ئي باقي رهيا آهن. پنجاب جي سياسي قيادت ان سڄي عرصي دوران صوبي اندر رينجرز يا فوج وسيلي آپريشن ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وجهندي رهي. نيشنل ايڪشن پلان رڳو ڪاغذي پلان تائين محدود رهجي ويو. نفرتي تقريرون ۽ مواد رواجي نموني جاري رهيا. ڪجهه ٽي وي اينڪرز ۽ تبصري نگار سرعام ٽي وي چينلز تي ويهي فتوائون جاري ڪندا رهيا. پنجاب ۾ مذهبي ۽ فرقيوار اقيلتن سان غير انساني زيادتيون جاري رهيون. سندن عبادت گاهن تي حملا ڪرڻ، آبادين کي ساڙڻ ۽ ماڻهن کي قتل ڪرڻ جا واقعا ساڳي طرح جاري رهيا. پنجاب سان تعلق رکندڙ حڪمران ڌر جا اهم اڳواڻ سرعام اها دعوا ڪندا رهيا ته صوبي اندر دهشتگردن جو ڪوبه نيٽ ورڪ ۽ پناهگاهون موجود نه آهن. وفاقي گهرو وزير پاڻ ٻه مهينا اڳ هڪ اهڙي وفد سان مليو جنهن ۾ فرقيوار ڌرين جا نمائنده موجود هئا ۽ هڪ بندش پيل تنظيم به ان وفد جو حصو هئي. جڏهن سينيٽ ۾ گهرو وزير کان ان بابت سوال ڪيو ويو ته، هن اهو چئي سينيٽ ميمبرن کي حيران ڪري ڇڏيو ته سڀئي فرقيوار يا بندش پيل تنظيمون دهشتگرد تنظيمون ناهن. سندس ان بيان تي سخت ردعمل آيو. ساڳيو وفاقي وزير هڪ سال اڳ اهو چئي چڪو هو ته مدرسا دهشتگرديءَ خلاف پاڻ وڏي رڪاوٽ آهن. وفاقي گهرو وزير جي انهن بيانن مان حڪومت جي دهشتگردي بابت سوچ جي عڪاسي ٿئي ٿي. پنجاب جو قانون وارو وزير رانا ثناءُ الله چوندو رهيو ته مان چئلينج ٿو ڪيان ته پنجاب ۾ ڪا دهشتگردن جي پناهگاهه آهي ته ڏيکاريو. اسلام آباد ۾ هڪ مشهور مسجد جو سرواڻ سرعام حڪومت جي سگهه کي للڪاريندو رهيو. پشاور ۾ معصوم ٻارن جي بي رحماڻي ڪوس جي مذمت کان انڪار ڪيائين پر، حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه چري. ڪجهه ڏينهن اڳ جماعت الدعويٰ جي حافظ سعيد کي عالمي ادارن جي دٻاءُ کانپوءِ حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو. سندس تنظيم ۽ هو پاڻ گڏيل قومن واري اداري وٽ بندش پيل لسٽ جو حصو هئا پر ملڪي سرڪار نه رڳو مٿس ڪو قدم کڻڻ کان لنوائيندي رهي پر، کيس سنڌ ۽ پنجاب ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ پکيڙڻ جي به کلي اجازت مليل هئي. پنجاب جي سياسي قيادت سان گڏ خود سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي هڪ حصي اندر اهڙن عنصرن لاءِ نرمي ۽ همدردي موجود رهي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هڪ پاسي ملڪ ۾ آپريشن به هلي رهيو هو ته ٻئي طرف ساڳي وقت مختلف علائقن ۾ انتهاپسند رويا رکندڙ ڌرين جو نيٽ ورڪ به پکڙجي رهيو هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو خود سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي آپريشن جي ساک تي به سوال اٿڻ لڳا ته ڇا واقعي اهي دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ گهرن ٿا يا اڃا به کين سٺن ۽ بُرن وارن خانن ۾ ورهائي رڳو سهڪار نه ڪندڙ ويڙهاڪن کي نشانو بنائڻ تائين محدود آهن؟ پنجاب سان تعلق رکندڙ سياسي ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ان اڻ چٽائي سبب آپريشن رڳو محدود نتيجا ڏئي سگهيو ۽ موقعو ملڻ تي ويڙهاڪ جٿن هڪ ڀيرو ٻيهر منظم ٿي هڪ هفتي اندر ملڪ جي هر صوبي ۾ موتمار دهشتگردي ڪري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته نه رڳو سندن پراڻي سگهه برقرار آهي پر، هاڻي اهو رڳو فاٽا يا پختونخواهه نه پر سڄي ملڪ کي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻائي سگهن ٿا. هفتي، ڏهن ڏينهن اندر هڪ ٻئي پٺيان دهشتگرديءَ جي خوني واقعن گذريل ٻن سالن دوران ٿيل سمورين وڏين دعوائن جي پت وائکي ڪري ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي کلڻ هاب ڪري ڇڏيو. ماڻهن جي ذهنن ۾ اهي سوال اٿڻ لڳا ته هي آپريشن ڪهڙا نتيجا ڏئي رهيو آهي جو اڳي رڳو فاٽا ۽ پختونخواهه ۾ جيڪا دهشتگردي ٿيندي هئي، اها هاڻي شڪارپور، جيڪب آباد ۽ سيوهڻ تائين اچي پهتي آهي. ٻين لفظن ۾ آپريشن سان دهشتگردي ختم ٿيڻ بجاءِ هڪ علائقي کان پکڙجي ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي. سياسي سنجيدگيءَ جي حالت اها آهي جو دهشتگردي ٽوڙڻ لاءِ قائم ڪيل خصوصي اداري (نيڪٽا) کي سرگرم به نه ڪيو ويو ۽ نيشنل ايڪشن پلان ڪاغذي شينهن بنيل رهيو.

Radulfassad1

پاڪستان ۾ جيئن ته 1980ع واري ڏهاڪي کان انتهاپسنديءَ کي عالمي طاقتن ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي پاليسين سبب سرپرستي حاصل هئي، تنهنڪري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ فرقيواريت ۽ جنونيت جو زهر پکڙجي چڪو هو. هاڻي جڏهن ساڳيون قوتون دهشتگرديءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ته ان جا چنبا ايڏا ته مضبوط ٿي چڪا آهن جو انهن کي رڳو آپريشن وسيلي چيڀاٽڻ ممڪن نه رهيو آهي. انتهاپسنديءَ جا حامي، همدرد ۽ سهولتڪار مختلف شڪلين ۾ مختلف ادارن تائين پکڙيل آهن، جن کان ملڪ جا سيڪيورٽي ادارا به آجا ناهن. خود جي ايڇ ڪيو، نيول اڏن ۽ ڳجهين ايجنسين جي مرڪزن کي نشانو بڻائڻ ۾ اندروني هٿ ملوث رهيا، جنهن ان آپريشن کي وڌيڪ اوکو بڻائي ڇڏيو. هاڻي جڏهن فوج ملڪي سطح تي هڪ وڏي آپريشن جو اعلان ڪيو آهي ته ان جي ڪاميابيءَ جو دارومدار به ان ڳالهه سان مشروط هوندو ته اهو ماضيءَ واري آپريشن کان ڪيتري قدر مختلف نموني ٿئي ٿو. اڃا ان ۾ آپريشن جو رڳو اعلان سامهون آيو آهي ۽ تفصيل سامهون نه آيا آهن، تنهن ڪري ان بابت ڪو تبصرو ڪرڻ ممڪن ناهي. اسٽيبلشمينٽ اهو آپريشن سنجيدگيءَ سان ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ته هيٺيان عنصر ان جي سنجيدگي ۽ ڪاميابيءَ جو تعين ڪندا.

  • ان اپريشن کي رڳو دهشتگردن جي ٺڪاڻن تائين محدود رکڻ بجاءِ انتهاپسندي پکيڙيندڙ هر مرڪز کي ان جي دائري هيٺ آندو وڃي، نفرتي تحرير ۽ تقرير بابت ڪابه رعايت نه ڪئي وڃي، ڇو ته دهشتگرديءَ جي پاڙ انتهاپسندي وارن روين ۾ کتل آهي. هر اهو مرڪز جيڪو ڪنهن شڪل ۾ عقيدي جي بنياد تي نفرت ۽ انتهاپسنديءَ جو پرچار ڪري، ان سان ڪابه رعايت نه ڪئي وڃي.
  • ملڪ اندر هڪ تعليمي نصاب لاڳو ڪيو وڃي، جيڪو سرڪاري اسڪولن توڙي مدرسن ۾ ساڳيو هجڻ گهرجي. نصاب مان موجود مذهبي ۽ فرقيوار انتهاپسنديءَ واري حصي کي نيڪالي ڏني وڃي. سمورن تعليمي ادارن توڙي مدرسن ۾ نفرت ۽ انتهاپسنديءَ جي پرچار ڪندڙ فردن کي نيڪالي ڏني وڃي، جيئن معصوم ذهنن ۾ زهر پکڙجڻ کان روڪي سگهجي.
  • سمورن صوبن ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪٿي سياسي قيادت ان ڪارروائي ۾ رنڊڪ بڻجي ته، جتي ننڍن صوبن جيان اتي به ساڳي نوعيت جو آپريشن ڪيو وڃي ۽ سياسي بنياد تي هلڪو هٿ رکڻ کان پاسو ڪيو وڃي. نيشنل ايڪشن پلان جي نڪتن تي نمائشي نه پر صحيح معنيٰ ۾ عمل ڪيو وڃي. ان پلان تي عمل ڪرڻ سان گڏ ان جي مانيٽرنگ به سختيءَ سان ڪئي وڃي، جيئن پتو پئجي سگهي ته ان پلان تي ڪهڙي علائقي ۾ ڪيترو عمل ڪيو ويو.
  • عورتن، مذهبي ۽ فرقيوار اقليتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ گهربل قانون سازي ڪئي وڃي ۽ ان ۾ ڪنهن به ڌر جي دٻاءَ کي نه قبوليو وڃي.
  • ملڪي سرحدن توڙي ملڪ اندر صوبن کي ڳنڍيندڙ علائقن ۾ چرپر تي ڪڙي چڪاس جو نظام لاڳو ڪيو وڃي، جيئن دهشتگرد هڪ علائقي مان وڃي ٻين علائقن ۾ پناهه نه وٺي سگهن.
  • Army
  • ان آپريشن کي سياسي يا صوبائي بنيادن تي هلائڻ بجاءِ هڪ جهڙي پاليسي هيٺ سمورن علائقن ۾ لاڳو ڪيو وڃي.
  • پوليس ۽ عدالتي نظام ۾ سڌارا آڻي انهن کي سگهارو ڪيو وڃي ته جيئن آپريشن کانپوءِ سولين ادرا پنهنجي سگهه سان دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪري سگهن.
  • ملڪ اندر ويهي پاڙيسري ملڪن ۾ سرگرميون ڪندڙ ڌرين کي ڪا به ڇوٽ نه ملڻ گهرجي. پرڏيهي ملڪن کي پنهنجا معاملا پنهنجي سرحدن اندر نبيرڻ ڏنا وڃن ۽ ملڪ اندر پنهنجا معاملا پاڻ نبيريا وڃن.
  • ملڪ اندر خاص طور تي سنڌ ۾ رهندڙ لکين غيرقانوني پرڏيهين (جنهن ۾ نقلي دستاويز حاصل ڪري شهريت حاصل ڪندڙ به شامل آهن) کي بنا دير ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. اهي يا ته سندن ملڪن ڏانهن واپس ڪيا وڃن يا اقوام متحده سان سندن حوالگي بابت ڳالهايو وڃي.
  • آدم ڳڻپ دوران اهڙڻ پرڏيهين جي نشاندهي ڪري سندن ملڪ نيڪاليءَ بابت اهڙي پاليسي جوڙي وڃي، جيڪا سندن بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي کانسواءِ کين پنهنجي ملڪن ڏانهن ترت واپس اماڻڻ لاءِ راهه هموار ڪري.
  • هٿيارن جي کلي عام نمائش ڪرڻ ۽ غيرقانوني ڪاروبار کي سختيءَ سان ٻنجو ڏنو وڃي، موتمار هٿيار دهشتگرديءَ کي پکيڙڻ جو اصل ذريعو آهن، سڄي ملڪ مان اهڙن هٿيارن کي هٿيڪو ڪيو وڃي ۽ گهربل قانون سازي ڪري هٿيارن کي ضابطي هيٺ آندو وڃي.

 انهن نڪتن سان گڏ ان ڳالهه کي مدِنظر رکيو وڃي ته هي آپريشن اڻ سڌي طرح سياسي يا جمهوري عمل جي تسلسل ۾ رنڊڪ نه بڻجڻ گهرجي. ملڪ جو محفوظ مستقبل بهرحال هڪ جمهوري ۽ سياسي عمل جي تسلسل ۾ سمايل آهي. ملڪ اندر سياسي ادارا تمام گهڻا ڪمزور آهن۽ جمهوري عمل ۾ انيڪ اوڻايون آهن، پر ان کي سياسي عمل وسيلي ئي ٺيڪ ڪري سگهبو. جيئن جيئن ملڪ مان ڏنڊي ۽ طاقت وسيلي سماج کي هلائڻ جو رويو ڪمزور ٿيندو، عوام سياسي طاقتن سان سياسي حساب ڪتاب به ڪندو. ملڪ جو رت چوسيندڙ سياسي فردن ۽ ڌرين وٽ ڪو ڊگهو مستقبل ناهي ۽ انهن جا عوام دشمن رويا ڊگهو عرصو جٽاءُ نه ڪري سگهندا. هي آپريشن ملڪي اسٽيبلشمينٽ خاص طور تي سيڪيورٽي ادارن جي نيڪ نيتي ۽ اهليت جو وڏو امتحان هوندو. ان جي اڻ ڌريائپ، مستقبل مزاجي ۽ گهڻ پاسائين عمل درآمد ان جي ساک جو تعين ڪندي. رياست جي سمورين ڌرين کي هڪ ڀيرو دهشتگرديءَ مان نجات لاءِ هڪ چٽي راءِ ۽ سڌي عمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ نه رڳو ملڪ جي تباهي ٿيندي، بلڪه عالمي برادريءَ ۾ اسان جو گڏجي هلڻ ناممڪن بڻجي ويندو. اها انتهائي بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي جو عالمي برادري پاڪستان کي هن وقت افغانستان، نائجيريا صوماليا ۽ لبيا جهڙن ملڪن جي قطار ۾ بيهاري ٿي. ان بدناموسي ۽ داغ کي هميشه لاءِ ڌوئڻ لاءِ هاڻي وڌيڪ وقت ۽ موقعا موجود ناهن.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *