عذرا پيچوهو جي بيان بعد حڪومتي ڪميٽي مان اها ئي اميد هئي،رپورٽ قبول ناهي:فرزانا جمالي
Asghar Azad
September 11, 2018
سنڌ
1,307 Views
نوابشاهه( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ انگريزي شعبي جي شاگردياڻي فرزانا جمالي، حڪومت ڪميٽي جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. فرزانا جمالي جو چوڻ آهي ته، سنڌحڪومت پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي تي پهريان به اعتبار نه هو ان باوجود به ڪميٽي پاران بيان قلمبند ڪرايو هو. هن چيو ته، گمبٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي، صحت کاتي جي وزير عذرا پيچو هو جو بيان جاچ ڪميٽي جي رپورٽ کان اڳ ئي اچي ويو هو، جنهن ۾ هن ساڳئي ڳالهه ڪئي هئي، جيڪا ڪميٽي جي رپورٽ آهي. فرزانا جمالي چيو ته ڪميٽي جي رپورٽ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ عذرا پيچوهو جي بيان بعد ئي مان ڪميٽي جي رپورٽ اچڻ کان اڳ ئي ان کي رد رد ڪيو هو، ڇو ته ان مان انصاف جي ڪا به اميد نه هئي.هن چيو ته، صوبائي وزير عذرا پيچوهو پاران جوابدار استاد جي حمايت ڪرڻ بعد خبر هئي ته سرڪار پاران جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ به اهڙي ئي ايندي. متاثر شاگردياڻي فرزانا جمالي چيف جسٽس ۽ وزيراعظم عمران خان کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.