ڪراچي( بيورو چيف سنڌ سماءَ چار) مقرر وقت گذري ويو آهي پر سنڌ ۾ شگر ملز اڃا تائين چالو ناهن ٿي سگهيون عدالت ملز چالو ڪرائڻ جو حڪم ڏئي يا وري شگرملز کي تحويل ۾ ورتو وڃي. اهڙو موقف اختيار ڪيو آهي ويو آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل آئيني درخواست ۾. سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪمند جا اگهه مقرر نه ڪرڻ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري، زراعت سيڪريٽري ۽ ڪين ڪمشنر کي 29 نومبر لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. آبادرگارن پاران وڪيل مريد علي شاهه معرفت ڪمند جا اگهه مقرر ٿيڻ ۽ شگر ملز نه هلائڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پنجاب ۾ ڪمند جو 180 رپيا في مڻ اگهه مقرر ڪيو ويو پر سنڌ ۾ اگهه مقرر نٿا ڪيا وڃن، جنهنڪري لکين ايڪڙن تي پوکيل ڪمند جو فصل سکي رهيو آهي. درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ ۾ تقريبن 25 شگر ملز بند آهن، شگر ملز هلائڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي، ان تي عمل نه ڪندڙن جون ملز تحويل ۾ ورتيون وڃن.
Tags crashing crop crushing sugar cane sugar cane crop sugar mills in sindh
Check Also
شهيد بشير خان قريشي پاڻ چوندو هو ته، جسقم پيراڻي گادي نه آهي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
حيدرآباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ پيدا ٿيل اختلافن پيدا ٿيڻ، جسقم …