Wednesday , October 9 2024

شهيد جان محمد مهر جي شهادت کي سال گذري ويو، مک قاتل گرفتار نه ٿيا

شهيد جان محمد مهر جا اصل قاتل ۽ مک سهولتڪارن ڪچي ۾ نه پر سکر، ڪراچي، ڊکڻ ۽ گهوٽڪي ۾ مختلف هنڌن تي رهندا آهن، جن کي انتهائي باثر سياسي شخصيتن جي پٺڀرائي حاصل آهي: پوليس ذريعا.

سکر/ڪراچي(رپورٽ:آفاق ڀٽي/ خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سينيئر صحافي جان محمد مهر جي شهادت هڪ سال گذري ويو، اڄ سندس پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي، قاتلن جي گرفتاري بابت سنڌ حڪومت جا واعدا پاڻيءَ ڦُوٽا ثابت، قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪچي ۾ آپريشن جون دعوائون ٺلها آسرا ۽ ٽائيم پاس ثابت. ڌرتي جي دلير ۽ بيباڪ صحافي ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش سکر جي بيوروچيف شهيد رپورٽر جان محمد مهر جي وڇوڙي کي اڄ هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، جان محمد مهر کي دهشتگردن13هين آگسٽ رات جي سکر شهر ۾ آفيس مان نڪرندي سندس گاڏي مٿان فائرنگ ڪري شهيد ڪيو هو.

شهيد جان محمد جي اڄ سندس پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي. شهيد جان محمد مهر جي ورسي جي مک تقريب اڄ صبح جو سندس اباڻي شهر چڪ ۾ ٿيندي. هڪ سال گذرڻ باوجود شهيد جان محمد مهر جو ناحق خون انصاف جو منتظر آهي. هڪ سال دوران قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌحڪومت ۽ سنڌ پوليس دعوائون ڪندي رهي آهي ته اُهي مک قاتلن جي بلڪل ويجهو پهچي ويا آهن، جلد سنڌ واسين کي خوشخبري ڏينداسين؛ پر هيل تائين قاتلن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جون سڀ دعوائون، سموريون خاطريون ۽ سمورا اعلان سکڻا دلاسا ۽ پاڻي تي ڦُٽا ثابت ٿيا آهن. شهيد جان محمد جي مک قاتلن ۽ سهولتڪارن جي گرفتاري لاءِ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽيز ۽ ڪميٽيون به صرف نالي ۾ نهال رهيون آهن.

شهيد جان محمد مهر جي اصل قاتلن ۽ مک سهولتڪارن بابت سکر پوليس جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، اهي ڪچي ۾ نه پر سکر، ڪراچي، ڊکڻ ۽ گهوٽڪي ۾ مختلف هنڌن تي رهندا آهن، جن کي انتهائي باثر سياسي شخصيتن جي پٺڀرائي حاصل آهي. ذريعن اها پڻ دعويٰ ڪئي آهي ته جان محمد مهر جا قاتل کيس قتل ڪرڻ جي ڪجهه هفتن کانسواءِ وڌيڪ ڪچي ۾ رهيا ئي ناهن. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق ڪراچي ۾ ترسڻ دوران شيرو مهر کي هڪ بااثر شخص جي ذاتي گاڏين ۾ گلشن اقبال، گلستان جوهر، گلشن حديد، ڪلفٽن ۽ ڊفينس وارن علائقن ۾ گهمندي ڏٺيو ويو هو.

شهيد جان محمد مهر جي ورسي تقريب جو شيڊيول

شهيد جان محمد جِي پهرين ورسي جِي مُک تقريب اڄ شهيد جي اباڻي شهر چڪ جان محمد ۾ ٿيندي، صبح جو 8 وڳي  قرآن خواني بعد شهيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي ورکا ڪئي ويندي، 11هين وڳي ورسي تقريب شروع ٿيندي، مختلف شهرن مان قلم ڌڻي ۽ سول سوسائيٽي جا ماڻهو قافلن جي صورت ۾ چڪ پهچندا، سکر ۾ شام جو 6 وڳي شهيد جان محمد جي گھر تي قرآن خواني کانپوءِ خيرات جو اهتمام به ڪيو ويندو.

 

About Ahmedbilal

Check Also

پاڪ – ايران گئس پائيپ لائن منصوبو؛ 18 بلين ڊالرز ڏنڊ ڀرڻ جو امڪان

پاڪستان؛ آمريڪي پابندين سبب پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين منصوبي تي عمل کان قاصر، ايران جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *