Thursday , July 18 2024

شعيب شيخ ٻيهر گرفتار، ڪرائيم سيل منتقل

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس جي مک جوابدار جي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد شعيب شيخ کي ايف آءِ اي کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ايگزيڪٽ اسڪينڊل ڪيس ۾ جوابدار شعيب شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست ڏني هئي جيڪا عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد رد ڪري ڇڏي هئي. فيڊرل انويسٽيگيشن شعيب شيخ کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪرائيم سيل جي لاڪ اپ ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. ايگزيڪٽ اسڪينڊل ۾ سيشن ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي جنهن ۾ شعيب شيخ ۽ ٻين جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ايگزيڪٽ اسڪينڊل مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي طرفان شعيب شيخ جي بريت جي خلاف ۽ ڪيس کي ٻيهر ٽرائل ٻڌڻي لاءِ موڪلڻ جي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ جي ڪئنالن ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر   سنڌسماءَچار)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *