Thursday , May 30 2024

شاهوڪار سنڌ ۾ “بيروزگاري” کي شڪست ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي..؟؟ – عرفان علي شاهه

عرفان علي شاھIrfan Ali Shah

منهنجي خيال ۾ اسان پرائيويٽ سيڪٽر ۾ نوجوانن لاءِ ڪافي نوڪرين جا موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا. اسان جي ملڪ ۾ نوجوانن جو تعداد 60 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي، جيڪو ڪنهن ملڪ لاءِ نعمت کان گهٽ ناهي. پيپلز پارٽيءَ ايندڙ اليڪشن جي منشور ۾ نه رڳو اها ڳالهه نمايان رکي، پر ان جو ڪوExecution Plan  به هجي. مثال طور جيڪڏهن اسان اهو واعدو ڪريون ٿا ته ايندڙ پنج سالن ۾ اسان 5 لک نوجوانن کي نوڪرين ڏينداسين ته ان جو هوم ورڪ مڪمل ٿيل هجي. پارٽيءَ جي هڪ ريسرچ ونگ هجي، جيڪا مڪمل طور الڳ ڪم ڪري. پارٽيءَ سان ان جو تعلق رڳو پارٽي چيئرمين جي حد تائين هجي. اها آزاداڻي نموني ايندڙ پنج سالن لاءِ پارٽيءَ جو لائحه عمل جوڙي سگهي. بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ سياسي ڪاميابين جو پئمانو وڏا وڏا جلسا ڪرڻ، ريليون ڪڍڻ ۽ رستن تي وڌ کان وڌ بينر لڳائڻ سمجهيو وڃي ٿو. تحقيق، حڪمت عملي، پروگرام، انهن ڳالهين کي فضول سمجهيو ويندو آهي. ماڻهو به ڪم کي نه، پر نالي کي ئي ترجيح ڏين ٿا، هرڪو ان ڳالهه تي عمل ڪري ٿو ته ”جيڪو ڏسجي ٿو، اهو ئي وڪامي ٿو.“ يقينن ڪو به انسان عقل ڪُل ناهي هوندو، منهنجي ناقص عقل مطابق اوهان چاهي ڪيترا به اسڪول، اسپتالون ۽ روڊ رستا ٺاهيو، پر جيڪڏهن ماڻهو بيروزگار هوندا ته اهي مفت جي دوا وٺڻ لاءِ بس جو ڪرايو ڀرڻ جي به سگهه نه رکي سگهندا. آئون گورنمينٽ جون نوڪريون سياسي طور ڏيڻ جو مخالف آهيان. سول سرونٽس ڪنهن به ملڪ جي عمارت جا پلر هوندا آهن، جيڪڏهن اهي ڪمزور هوندا ته سڄي عمارت زمين تي اچي ڦهڪو ڪندي. حڪومت کي، ماڻهن کي پنهنجا ذاتي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ همٿائڻ گهرجي. ڏورانهن علائقن ۾ ٽيڪس فري انڊسٽريل زون جُڙڻ گهرجن. ان حوالي سان ڪجهه تجويزون هن ريت آهن.

هالا نصرپور ڪاٽيج انڊسٽري:

آئون ذاتي طور هالا ۽ نصرپور جي ننڍڙين ننڍڙين فيڪٽرين کي ڏسي آيو آهيان. ويهه ڏينهن لڳن ٿا مختلف ٿانون، ٽائلز وغيره کي پچي راس ٿيڻ ۾- مٽي آڻڻ، انهن کي مختلف شڪليون ڏيڻ، مٿن نقشنگاري ڪرڻ وارو وقت 20 ڏينهن کان الڳ آهي. اسان جيڪڏهن ڪجهه ڊزائنر ۽ ماهرن کي هائير ڪريون، جيڪي اسان کي ايڪشن پلان تيار ڪري ڏين، جنهن سان اسان هن ڪم ۾ جدت آڻي سگهون ۽ اهڙيون شيون ٺاهيون، جيڪي نه رڳو پاڪستان ۾ پسند ڪيون وڃن، پر ٻاهر به ايڪسپورٽ ڪري سگهجن. جيڪڏهن انهن ننڍين فيڪٽرين کي گئس ملي وڃي ته اتي ٺهندڙ شيون 20 ڏينهن بدران 20 ڪلاڪن ۾ پچي راس ٿي وينديون. گڏوگڏ هڪ خوبصورت بازار جوڙي وڃي، جتي رڳو انهن فيڪٽرين جو ڪچو مال ۽ تيار مال رکيو وڃي. جيڪڏهن هي پروجيڪٽ ڪامياب ٿي ويو ته هزارين نوجوان (اڻ پڙهيل کان وٺي ماسٽر ڊگري حاصل ڪندڙن تائين) هن ڪاروبار سان لاڳاپجي ويندا.

فلم انڊسٽري:

پاڪستان ۾ فلم انڊسٽريءَ جي ٻيهر اوسر ٿي رهي آهي. هميشه کان اسان وٽ فلمون وڏي شوق سان ڏٺيون وينديون رهيون آهن. اوهان جيڪڏهن ڪنهن ننڍي شهر ۾ به وڃو ته اوهان کي 60ع ۽ 70ع جي ڏهاڪي ۾ ٺهيل سينما گهرن جا آثار نظر ايندا. 70ع جي ڏهاڪي ۾ ميرپورخاص جي آبادي تمام گهٽ هئي، تڏهن به ان ننڍڙي شهر ۾ ڇهه ست سينيما گهر هئا. سو ان سلسلي ۾ فلم انڊسٽريءَ لاءِ دوستاڻي پاليسي جوڙي، فلمسازن، سيمينار گهر جوڙڻ جي خواهش رکندڙن لاءِ آسان قرض ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن. اڄڪلهه Cineplex جو دور آهي، جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ اسڪرين هونديون. منهنجي تحقيق مطابق هڪ اسڪرين سان 10 نوڪريون پيدا ٿينديون. جيڪڏهن اسان هزار اسڪرين جو ٽارگيٽ رکون ته ايندڙ 5 سالن ۾ صرف سينيما ۾ 10 هزار ڊائريڪٽ نوڪريون پيدا ٿي سگهن ٿيون ۽ ان ڊائريڪٽ نوڪريون الڳ- فلم، ڊسٽريبيوشن، براڊڪشن، شوٽنگ سائيٽس، مطلب ته هن انڊسٽريءَ ۾ 50 هزار جي لڳ ڀڳ نوڪريون ۽ ننڍا ننڍا ڪاروباري موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. تاريخي ۽ سياحتي جڳهن توڙي ڪلچر جي پروموشن ٿيندي ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو اميج به بهتر ٿيندو. ميوزڪ ۽ ٿيٽر کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي ته نوڪرين جا ٻيا به انيڪ موقعا وڌي سگهن ٿا.

بينظير انڊومينٽ ايجوڪيشن فنڊ:

سياست عوام جي خدمت جو نالو آهي. اها رڳو ڳالهين سان نه، پر عمل مان به نظر اچڻ گهرجي. بي بي جي نالي تي جيڪڏهن هڪ فنڊ جوڙيو وڃي، جنهن جو ٽارگيت 20 هزار نوجوانن کي تعليم ڏيارڻ هجڻ گهرجي. (خاص طور ميٽرڪ کان پوءِ جي تعليم) ان ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ يقينن هڪ عرصو گهربل هوندو، پر اهو آسانيءَ سان حاصل ٿي ويندو. پٺ تي پيل علائقن جي نوجوانن کي ٽارگيٽ ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته 20 هزار نوجوانن جي پڙهڻ لاءِ ڪروڙين رپيا نه، پر اربين رپيا کپن ته ان فنڊ کي اسان ڪنهن بينڪ ۾ ان شرط تي جمع ڪرايون ته هر سال بينڪ ۾ جيڪي نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا، انهن ۾ هڪ حصو انهن نوجوانن جو هوندو، جيڪي ان فنڊ مان تعليم مڪمل ڪري مارڪيٽ لائق بڻبا.

انڪيوبيٽر ڪامپليڪس:

سڄي دنيا ۾ يونيورسٽيون انڪيوبيٽر سينٽر جوڙين ٿيون، جنهن ۾ فريش گريجوئيٽس کي سندن بزنس پروپوزل جي بنياد تي هڪ سال لاءِ جڳهه ڏني وڃي ٿي، جنهن ۾ فون، انٽرنيٽ، پرنٽر ۽ ٻيون ضرورت واريون سهولتون مفت ۾ فراهم ڪيون وڃن ٿيون ته جيئن هو پنهنجو ڪاربار جوڙي سگهن. ڪيترائي اهڙا نوجوان آهن، جيڪي اڳيان وڌي سگهن ٿا ۽ دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمائي سگهن ٿا، پر پئسي سميت ٻيون سهولتون نه هجڻ سبب اهي ناڪام زندگي گذارين ٿا. اهڙا وڏا ڪامپليڪس جوڙي سگهجن ٿا، جتي پروفيشنلز جي نگرانيءَ ۾ نه رڳو کين سهولتون ڏنيون وڃن، بلڪه سندن رهنمائي به ڪئي وڃي ۽ بينڪن توڙي ڪاروباري ماڻهن سان سندن ملاقاتون ڪرايون وڃن ته جيئن هو ڪامياب ٿي سگهن. اهي ڪامپليڪس شهرن جي حساب سان جوڙي سگهجن ٿا ۽ اتي 20 کان 30 هزار نوجوانن کي سهولتون مهيا ڪري سگهجن ٿيون.

سنڌ بينڪ:

سنڌ بينڪ رڳو نالي ۾ سنڌ بينڪ نه هجي، پر پنهنجي ڪم ۾ به اهڙي نظر اچڻ گهرجي. بنگلاديش جي گرامين بينڪ جو باني محمد يونس چوي ٿو ته بينڪ هميشه غريب مخالف هوندي آهي. بينڪون قرض غربت گهٽائڻ لاءِ نه ٿيون ڏين، جيڪڏهن قرض لاءِ جائيداد ضمانت طور رکڻي هوندي آهي ته غريب ڪٿان آڻيندو جائيداد؟ آمريڪا جي هڪ ايگزم بينڪ، جيڪا رڳو انهن ڪمپنين کي سستو قرض فراهم ڪري ٿي، جيڪي آمريڪا جون شيون  دنيا ۾ وڪرو ڪن ٿا. يعني ايڪسپورٽ بيسڊ لون ڏين ٿا. سنڌ بينڪ به ان طرز تي قرض ڏئي سگهي ٿي. اسان جي ننڍن شهرن ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت شيون ٺهن ٿيون، پر اهڙن ماڻهن وٽ وسيلا ئي ناهن، جو اهي ٻين شهرن ۾ پنهنجون شيون وڪرو ڪري سگهن.

دنيا ۾ نوجوانن لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ ڪنهن به حڪومت لاءِ ايتري اهميت رکي ٿو، جو آمريڪا کان وٺي يورپ تائين ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جيڪي چار ڪروڙ يا ان کان وڌيڪ رقم پنهنجي ملڪ اندر انويسٽ ڪرڻ (جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ چار کان 10 نوڪريون پيدا ٿي سگهن) جي بدلي ۾ پنهنجي شهريت آڇين ٿا. سنڌ سياحت جي حوالي سان ايتري مالدار آهي، جو هزارين نوڪريون ۽ ڪاروبار رڳو ان فيلڊ ۾ پيدا ڪري سگهجن ٿا. بدقسمتيءَ سان سنڌ کي ڪڏهن سياحت جي اهميت سمجهندڙ وزير ناهي مليو، منهنجي دعويٰ آهي ته سنڌ جي سياحت هڪ سئو ارب جي مارڪيٽ آهي.

ڊسمبر 2007ع تي منهنجي بينظير ڀٽو صاحبه سان بلاول هائوس ۾ آخري ملاقات ٿي هئي. اها ملاقات ون ٽو ون هئي. 28 اپريل 2017ع تي آئون اٽڪل ساڍن نون سالن کان پوءِ بلاول هائوس ۾ داخل ٿيس. هن دفعي منهنجي ملاقات بلاول ڀٽو سان هئي. ان جي آڏو مون اهي سموريون تجويزون رکيون آهن، ڏسجي ته ان حوالي سان ڪهڙي پيش رفت ٿي ٿئي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *