سڪرنڊ: شهباز مائنر اوورٽاپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، شهرين جو چوڻ آهي ته پنجن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ سبب شاخ اوورٽاپ ٿي. شهر مان گذرندڙ شاخ شهباز مائنر اوور ٽاپ ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اصغر ڪالونيءَ جي ڪيترن ئي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويوجڏهن ته ۽ گهٽيون ۽ رستا پڻ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن مان پاڻي ڪڍيو، جڏهن ته آبپاشي عملدارن گهڻي دير بعد شهباز مائنر ۾ پاڻيءَ جي سطح گهٽائي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته آبپاشي عملدارن جي نا اهلي ۽ پنجن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ڪري شهباز مائنر اوورٽاپ ٿي وئي.
Tags sakrand canal weak
Check Also
مورو جي جمالي ٽائون جا رهواسي بنيادي سهولتن کان وانجهيل، بلڊر گم
مورو (رپورٽ: انس ٻرڙو سنڌسماءَچار) مورو ۾ بلڊر پاران قائم ڪيل جمالي ٽائون جا رهواسي …