Friday , April 12 2024

سچل نانءُ سڏايان..!! _ شير محمد سولنگي

سچل نانءُ سڏايان..!!  _ شير محمد سولنگي

Sachal sain 01

اڄ اهڙي عظيم هستي تي لکڻ جو موقعو مليو آهي جنهن جي باري لکڻ جو ڪافي سالن کان شوق هو اڄ اهو پورو ٿي رهيو آهي سوچان ٿو ته پنهنجي عنوان “سچل نانء سڏايان ” جي شروعات ڪٿان ڪيان ۽ وري هن عنوان جي پڄاڻي ڪٿي ڪريان ڇاڪاڻ ته مان ڪو وڏو اديب يا دانشور ته ناهيان بلڪ سچل جي باري چند سٽون لکي پنهنجي آڱر وڍائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ واري ڪار ورجائي رهيو آهيان .

سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪمراني وارن ڏينهن ۾ درازن ۾ 1739ع ۾  جنم وٺندڙ ان ٻالڪ بابت ڪنهن ٿي ڄاتو ته هُو، نبي ۽ اثبات، اناالحق جو نعر هڻي ڏينهان ڏينهن مشهوري ماڻيندو. ها! ميان صلاح الدين جي گھر ۾ اک کوليندڙ عبدالوهاب جڏهن پنهنجي سوچ جو مالڪ بڻيو ته پوءِ هُو عبدالوهاب نه رهيو ۽ ڪڏهن سچو، سچيڏنو سڏجڻ لڳو.

اهو هڪ عام خيال آهي ته، حقيقي عشق جي پهرين منزل مجاز آهي، سچل جي مجازي عشق تي ڪنه ٻي ڀيري لکنداسين. سچل سائين روايتي تعليم حاصل ته ڪئي پر هُن روايتي مذهبي عالمن جيان مسجد جو مبر سنڀالڻ بدران اناالحق جو نعرو هڻي منصوري بڻجھي ويو.

درازن جي دولهه پنهنجي فڪر ذريعي دنيا جي سڀني انسانن کي محبت ۽ پيار جو سبق ڏنو آهي. سچوءَ جو فلسفو مذهبن کان مٿانهون ۽ سڀ کان اول انسانيت جو درس ڏنو، سندس شاعري ۾ به چٽو ٿيل آهي ته،

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،

شيخي پيري بزرگي بيحد ڀُلايا،

آڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.

عشق ئي ته هو جنهن سچل کي وري ان منزل تي رسايو جتي هُو چوي ٿو

سڻ بات برھ تي ڪيهي، ايهي عجب جيهي؛

مل معشوقان مصلحت ڪيتي، سرها ميٽ مليسون،

سرها ميٽ مل عاشق ڪون شاھ دريا تي نيسون،

شاھ درياه تي ني عاشق ڪون، بوٽيان نال ڌوئي سون؛

بوٽيان نال ڌو عاشق ڪو، لهريان وچ لڙهي سون،

لهريان وچ لوڙھ عاشق ڪون، لت ڏي چا ٻڙيسون
ٻڏڻ ڪنون جڏهن ٻاهر آيا، بات الئي جي ڪيهي

سن بات برهه دي…

سچل جي عشق ۽ رمز جو پيغام ڪنهن ڪتابن يا لائيبررين  ۾ قيد ناهي پر سنڌ ۽ هند کانسواء دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ڳايو وڃي ٿو ۽ سچل جي سڃاڻ به سندس فلسفي ۽ فڪر جي ڪري آهي.انسان ذاتِ پات ۽ درجا بندي واري ويڇن ، وڇوٽين، فرقن ، تڪرارن هڪ ٻئي تي برتري جهڙن ڪُڌين جبلتن جو شڪار آهي. انتها پسندي جو لاڙو وڌي رهيو آهي، مذهبي ڪٽرپڻي ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. فرقي پرستي جا بنياد مضبوط ٿي رهيا آهن. مذهب جي نالي تي انتها پسندي ۽ ٻين اڳرائين سان گڏ الله تعالى جي عظيم تخليق کي جهاد جي نالي تي انسان دشمني جو زهر ڀريو پيو وڃي پر سچل ان خيال کي رد ڪندي چئي ٿو ته :“نا مين هندو نا مين مومن سچل نانءُ سڏايان”

مطلب ته انسانيت، انسان ذات ۽ مخلوق سان بي پناھ پيار سچل سائين جي شاعريء مان نروار آهي. سندس شاعري ۽ فڪر کي سمجهڻ لاء به عقل ڏاهپ داناھ دماغي   کپي پرسچل جي ان سوچ مٿان وقت جي ناسمجھ ماڻهن  فتوائون جاري ڪيون .  پر پوء به  هو محبت، سچائي ۽ پيار جو درس ڏيندو رهيو ۽ سندس اندر ۾ مٺـڙن مـاروئڙن جي سُک ۽ سلامتي جون سَڌون سمايلرهيون .

ڪنهن سائنسدانن جو چوڻ آهي ته پراسراريت جي پٺيان به سبب آهي، جنهن کي نهڄاڻي سگهڻ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته عالم آشڪار پراسرار آهي، سائنس اهڙيڪيترين حقيقتن تان پردو کڻي چڪي آهي. وجدان اهڙي طرز آهي جنهن وسيلي ماڻهو کي الهامي طورڄاڻ ملي ٿي. انسان زمان و مڪان ۾ چئن پاون سان ٻڌو پيو آهي، زمان و مڪان کان ٻاهر ڏسڻ جي کيس طاقت ناهي نه وري سائنس انهيَء قابل آهي جو هو زمان و مڪان کان ٻاهر نڪري سگهي.انسان هڪ مخصوص وقت جي وهڪري ۾ وهندو رهي ٿو.

انسان هميشه ڪافي شين جو متلاشي رهو آهي مثلن زندگي ڇا آهي؟ ڪائنات جو جوهر ڪهڙو آهي؟ ازل ڇا آهي؟ابد ڇا آهي؟ڪير آهي جيڪو مطلق آهي هن ڪائنات جي پٺيان ڇا اهو آخر ۽ اول آهي. هنڪائنات جي رمزن ۾ گهٽ ۾ گهٽ زندگي هڪ عمل جو سلسلو  آهي جنهن جو ڇيهه يا ڇيڙو ڪنهن کي به  هٿ نٿو اچي. انهيَء رمز ۾ سڪون و ثبات جو تصور شايد آخري صداقت آهي جنهن جي پروڙ عام انسان جي وس کان مٿانهين ڳالھ آهي ۽ روحاني رمز کي ڄاڻڻ وارن لاءِ ڪابه مشڪل ڳالھ ناهي روحاني  حقيقت صرف وجدان سان تجلو ڏي ٿي. ٺيڪ اتان صوفئيت شروع ٿئي ٿي.جيئن سچل چيو هو:

مين تان ايڪ خيال هان, مـلسان نــــال خـيال دي.

صوفيَء وٽ علم جي حصول جو ذريعو صرف وجدان آهي ،جيڪو عرفانيتجي اعليٰ منزل تي پهچي  حاصل ٿئي ٿو.هتي اسان واضح ڪندا هلون ته دنيا جي عظيم سائنسدانن جو خيال آهي ته روحانيت موجود آهي . جڏهن ته ڪارل مارڪس ان ڳالھ کي رد ڪندي روحانيت جي مخالفت ڪئي آهي . پر  روحانيت جي دنيا کي سمجهڻ لاءِ علم نفسيات متعارف ٿيو هو. علم نفسيات اهو علم آهي جيڪو بنا ٻڌڻ ٻڌائڻ جي نفسيات جا ماهر پرکي وٺڻدا آهن ته تصوير ڇا پئي ٻڌائي. پر انهن سڀني لاءِ سچل جو هڪ ۽ ساڳيو ئي پيغام آهي ته نه مان هندو نه مان مسلمان آهيان پر مان ته سچل آهيان شايد سچل سائين انسانيت کي پنهنجي ويجھڙو رکيو آهي ڪنهن به قسم جي انا يا ويڇي ۾ ناهي پيو جنهن ڪري پوري دنيا جا رهاڪو ساڻس محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪري رهيا آهن

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *