هر قوم جا ڏاها، سگهڙ، ساهتڪار ۽ فنڪار نه فقط پنهنجي دور جي روايتن جا رکوال ٿيندا آهن، پر پنهنجي سماج سان پختا جڙيل ۽ جاڳرتا لاءِ جاکوڙيندا رهندا آهن. جن به سياڻن سخنورن مدي خارج فرسوده ريتن رسمن ۽ دقيانوسي دليلن کي رد ڪندي انسان جي عظمت ۽ محبت جون مٺڙيون ڳالهيون ڪيون، انهن عظيم ڪردارن کي قومن صدين تائين پنهنجن اکين ۽ دلين ۾ جايون ڏنيون. وحدت الوجودي صوفين جو سرواڻ حافظ عبدالوهاب فاروقي المعروف ”سچل سرمست“ پڻ سنڌ جي اهرن ئي آدرشي ڪردرارن مان هڪ آهي. سچل سائين پنهنجي حياتيءَ جا پهريان 44 سال ڪلهوڙن جي حڪمراني واري سنڌ ۾، ۽ پويان 46 سال ميرن جي صاحبيءَ هيٺ گذاريا. انهيءَ سموري عرصي ۾ سٻاجهڙي سنڌ اٽڪل 64 ننڍين وڏين جنگين ۽ راتاهن کي منهن ڏنو. سياسي، سماجي ۽ مذهبي اٿل پٿل واري وايومنڊل ۾ کيس پنهنجي ملڪ ۾ ماڻهن جي حالت ڏينهون ڏينهن ابتر ٿيندي محسوس ٿي. هڪ اهلِ دل ۽ روشن ضمير انسان جيان هن پڪو پهه ڪيو ته مالڪ جي مخلوق کي پنهنجو حقيقي مقام سمجهائڻ سان گڏ ان کي پنهنجن پيدائشي حقن بابت ضرور آگاهه ڪندو. زور، ظلم ۽ ناانصافين خلاف ڀرپور آواز اٿاريندو ۽ ڪنهن کان خوف زده نه ٿيندو. ”سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي.“
سنڌ ۾ وحدت الوجودي فڪر جي سڀ کان وڏي پرچارڪ هجڻ جي ناتي سان سچل سائين سينهو ڏنو ته ”مالڪ ڪريم جو قرب مڙيو ئي مخلوق لاءِ هڪ جيترو آهي، ڇو ته هو پاڻ عالمين جو رب آهي. دنيا ۾ پاڪ ۽ پليت جاين تي سج جي روشني جيئن ساڳي باقاعدگيءَ سان پهچي ٿي ۽ فرق نٿي رکي، تيئن هر انسان جي دل به نوراني سوجهري کان خالي ناهي.
ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀُل، تون آدم اصلي ناهين
ملڪن پئي سجدا ڪيا، واه مٽي تنهنجو مُلهه
جنهن مٽيءَ کي ملڪن سجدا ڪيا هجن، سا جيڪڏهن هروڀرو پاڻ کي هيٺاهون ۽ بيڪار سمجهي چئي ته ”بندو گندو آهي“ اها ته ڳالهه انوکي آهي. ڌرتيءَ تي خالق جنهن کي پنهنجو خليفو ٿو مقرر ڪري، سو پنهنجي اچڻ جا اسباب وساري ٻين تماشن ۾ پئجي ويو ته سچل کيس صلاح ۽ سمجهاڻي ڏني:
اي ادا سالڪ، صحيح ڪر هن طلسمات کي
ڀڃ دُوئي، تان ڪل پوئي، دور ڪر درجات کي
سچل سائين جو سمورو سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ فارسي ڪلام سندس دور جي سماجي حالتن جو آئينو آهي. دوئي، ٻيائي يا Dualism جنهن کي منافقي به چئجي، ورجات يعني طبقات يا ڪلاسن وچ ۾ سوڙهو ٿيل سنڌي سماج هن جي اکين آڏو هو. هڪ طرف جاگيردار ۽ عهديدار هئا، جيڪي پاڻ کي هر نعمت سان نوازيل سمجهي، آسپاس رهندڙ اسٽالن کان بي خبر ۽ بي پرواهه رهي رڳو مسڪينن جي واتان پنهنجون مداحون ٻڌڻ ۾ مشغول هوندا هئا، حاڪمن وٽ نه ته ڪو حڪمرانيءَ جو هنر هو ۽ نه ئي رعيت کي راضي ۽ سکيو رکڻ واري سوچ- ٻئي پاسي بکيو ۽ خوف ۾ بدحواس بنيل هاري، پورهيت ۽ هنرمند پنهنجي پيٽ پالنا خاطر بدترين غلاميءَ جي جڪڙ هيٺ آيل هو. سچل سائين مسڪين ماروئڙن مٿان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ڏمر تي ڏکوئجي چيو هو ته:
بر غريبان ظلم وصد تعدي
حکمراني شهان را ديدم
طوق زرتن مرصع از ياقوت
همه برگردن خران راديدم
يعني غريبن مٿان حاڪمن جا سوين ظلم ۽ تقريون آهن. گڏهن جي ڳچين ۾ سون سان مڙهيل ياقوت ڏسان ٿو. هيٺين ۽ هيسيل ماڻهن کي زور اڳيان زاريون ڪندو ڏسي محڪوم طبقي کي هن طرح حوصلو ڏئي ٿو:
ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو،
پاڻ بيگانو مور نه ڄاڻين، آهين يار يگانو
وهم سچل ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شاهانو
سرمست سچل جي سوچ واري سنسار ۾ ڪنهن جو غلام يا ٻانهون ٿي رهڻ هڪ وڏو گناهه آهي. هن جون اکيون سدائين هڪ اهڙي پرامن خوشحال معاشري جا خواب ڏسنديون رهيون، جتي ذات پات، رنگ نسل، مذهب ۽ مسلڪ جي ڦير ڦند کانسواءِ انسان انسان سان جڙيل هجي. سندس دور ۾ ٺيڪيدار ڌريون به زور وٺي رهيون هيون، کيس ان تي ڏاڍي ڳڻتي هئي. اهل دل انسان جون دور رس نگاهون مذهبي منافرت جي اوٽ ۾ اڻ کٽ افراتفري ۽ خونريزي ڏسي رهيون هيون. دردمند دل رکندڙ حساس شاعر وڌيڪ وقت وڃائڻ بنا هڪل ڪري چيو هو ته:
وقت اها ٿي ويل، دوئي دور ڪرڻ جي
ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سويل
هندو مومن سان ملي، محبت جا ڪر ميل
جتان ٿيئي اويل اولهه سج نه اُلهي
سچل سائين سمجهائي ٿو ته حياتي جيڪا هڪ ڀيرو ئي ملڻي آهي، تنهن کي ڪيني، ڪروڌ ۽ ڪدورتن جي نذر ڪري ڇڏڻ ڪو چڱو عمل نه آهي. دوکي دولاب ۽ دوئي جون ديوارون ڊاهي حق هيڪڙائي ۽ وحدت جي وادي ۾ داخل ٿجي ته جيئن پوءِ انسان کي سڀ هڪ ۾، ۽ هڪ سڀ ۾ نظر اچي. پاڻ چيائون ته:
آنکهين کهول کي ديکهه تماشا، ايک هي صورت ساري هي
مٽي ايک هي نام هين لاکهون، بيجا اسم شماري هي
هي سڀ هڪ ئي ڪاريگر جا ٺاهيل آهن. مٽي سمورن جي ساڳي آهي، انهن جون فقط صورتون ۽ نالا جدا جدا آهن. سچل سائين پنهنجي وقت ۾ نفرت، نفاق، تعصب ۽ تنگ نظريءَ جي ور چڙهيل سنڌ جي واڳ ڌڻين کي وڏي واڪ چيو هو ته، جيڪڏهن ائين ڇڙوڇڙ رهيوَ ته پوءِ اهي ڏينهن پري نه اٿوَ جڏهن:
ميڙي ويندئي مغربي تاريڪي ۾ طير
ڇڏي ويندئي ڇپرين، ڍونڍن سندو ڍير