حيدر آباد( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) ڄامشورو ٽول پلازا ويجهو سپر هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 8 گهر ڀاتي فوت ٿي ويا، فوتين جو واسطو نوابشاهه آهي. حيدرآباد ويجهو ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ نوابشاهه جي ڳوٺ محمد بخش رند جا رهواسي 8 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي ويا. حادثي جو اطلاع ملڻ تي ايڌي رضاڪارن لاش ڄامشورو منتقل ڪيا.ڪراچي کان نوابشاهه ويندڙ ڪار ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ نوابشاهه جي ڳوٺ محمد بخش رند جي رهواسي ٽن ٻارڙن ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا نبي بخش ۽ ساجد زخمي ٿي پيا آهن. حادثي سبب 6 ڄڻا ٿڏي تي فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، زخمين کي سول اسپتال نيو پئي ويو ته وڌيڪ ٻن زخمين دم ڌڻي حوالي ڪيو.حادثي سبب فوت ٿيلن ۾ نعيم الله، قدير، صابر، نبيده، فيروزه، فريده ۽ محمد بخش شامل آهن.
Check Also
نواز شريف، آصف زرداري، شهباز شريف، شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس بحال، نيب ترميمون رد
سپريم ڪورٽ نيب ترميمي بل ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، ن ليگ، پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، …