سنڌ هن وقت جنهن ماڻهپي جي قحط واري دور مان گذري رهي آهي اهڙو اڳ ڪڏهن به نه گذري آهي۔ هر عالم ، فاضل ، علم جو اڪابر، قلم جو ڌڻي ، سياسي ليڊر توڙي ورڪر، ڪامورو توڙي نوڪر پنهجو قد ماپائي ، ريٽ لڳرائين جي جستجو ۾ لڳو پيو آهي۔ اهڙي ماحول ۾ اهي هستيون وڌيڪ ياد اچن ٿيون جن زندگي اصولن تحت، ايمانداري سان ۽ ماڻهن جي خدمت ۾ گذاري۔ سائين جي ايم سيد جو ننڍو پٽ سيد امداد محمد شاه اهڙن موتي داڻن ماڻهن مان هڪ آهي۔ اڄ سندس تيرهين ورسي آهي۔
سائين امداد محمد شاهه 30 ڊسمبر 1935ع تي سن ۾ پيدا ٿيو. سن ۾ پرائمري تعليم کانپوءِ سيڪنڊري تعليم ڪراچي ۾ حاصل ڪري حيدرآباد مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ڪجهه سال وڪيل طور ڪم ڪيو. سائين امداد محمد شاهه پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ سان ڪئي ۽ ان عوامي ليگ جي هاري فرنٽ جو مرڪزي صدر به رهيو. بنگلاديش ٺهڻ بعد، عوامي ليگ بنگلاديش ۾ رهجي وئي ۽ ان کان پوءِ سائين امداد شاهه ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو ميمبر نه رهيو. سائينءَ، ايوب جي مارشل لا خلاف بهرو ورتو ۽ فاطمه جناح جي حق ۾ چونڊ مهم پڻ هلائي، سائين امداد شاهه 1979ع ۾ نواب شاهه ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ چونڊجي آيو. 1985ع ۽ 1988ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ان دوران سائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو هڪ موثر اڳواڻ رهيو. سائين امداد محمد شاهه سنڌ جي مستقل رهواسين، سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ هم آهنگي ۽ ويجهڙائپ جو وڏو قائل هو. طبيعت ۾ سائين جي ايم سيد وانگر شفيق پر اصولن تي لوهه، ڀوڳ چرچا ڪرڻ وارو، سٺي ماني جي ڳولها ۾ لياري جي ٻاڪڙاه هوٽلن جي ڳولها به جاري رکڻ وارو ۽ ماڻهو شناس شخصيت هو.
سيد امداد محمد شاهه اهڙي هڪ شخصيت آهي جنهن سائين جي ايم سيد جو لائق فرزند هجڻ سان گڏوگڏ بااصول ۽ ”سماج سڌارڪ“ واري نئين سڃاڻپ ٺاهي. هو ننڍي پئماني تي ئي سهي پر ضلعي نوابشاهه ۽ درياهه جي هن پار سن واري علائقي سميت سڄي ضلعي دادو ۽ ڄامشوري ۾ هڪ ”ريفارمر“ طور سڃاپجي ٿو۔ سندس تڪ ۾ ڊاڪٽر، استاد، انجنيئر، ڪامورو يا ڪم ڪندو هو يا پنهنجي بدلي ڪرائيندو هو ٽئين ڳالهه نه ٿيندي هئي۔ چور ۽ ڏوهاري ماڻهون لاءِ سائين وٽ رحم جي گنجائش نه هوندي هئي۔ سماج کي صاف رکڻ لاءِ سائين ڏوهارين کي سخت سزائن ڏيڻ جو وڏو حامي هو.
ذاتي تعلقات رکڻ ۽ نڀائڻ ڪو سائين جي ايم سيد ۽ سندس پٽن کان سکي۔ هر سال انبن جي مند ۾ ٻه کوکا سڪرنڊ کان ڊرائيور امام الدين سائين جي ڪار ۾ کڻي اچي روهڙي ۾ منهنجي گهر ڏي ته سائين انب موڪليا آهن ته ان کان وڏو ڪهڙو تحفو ! انب روهڙي ۾ به جام ملن ٿا ۽ 2 هزار جي انبن لاءِ پنج هزار جو پيٽرول خرچ ٿيو پئي پر، سائينءَ مداد ۾محمد شاه جي محبت، سڪ ، چاهت ۽ ياد رکڻ جي خبر پوي ٿي جوانب موڪلڻ واري سندس دلبري لکندي هن وقت به اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا۔
سائين جي گاڏي جي ڊگي اجرڪن سان ڀريل هوندي هئي، مان ۽ سندس ڊرائور سائين سان ڀوڳ ڪندا هياسين ته سائين توهان انتظار ۾ هوندا آهيو ته ڪو فوت ٿي ته اجرڪ کڻي پڄان۔ سائين ان تي پهريان مرڪندو هو ۽ پو سيريس ٿي چوندو هو، بابا ! پرڻي ڀلي نه پڄي سگهجي پر مرڻي ضرور وڃجي۔
سائين امداد محمد شاهه 22 مئي 2000ع تي واشنگٽن ۾ امريڪي ڪانگريس جي انساني حقن جي ڪاڪس ۾ بي خوف تقرير ڪندي چيو هو ته.
مان سائين جي ايم سيد جو پٽ آهيان جنهن جي زندگيءَ جو وڏو حصو، سنڌي ماڻهن جي حق خود اراديت، آزادي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل ۽ نظريندي ۾ گذريو آهي ۽ سندس وفات به قيد ۾ ئي ٿي.سنڌ ننڍي کنڊ ۾ اهو خطو آهي جيڪو انگريز سڀ کان آخر ۾ حاصل ڪري سگهيا ۽ سنڌ کي ڇڏڻ وقت کيس پنهنجي فيصلي جو اختيار ڏنو وڃي ها ته، هو نئين مسلم بلاڪ ۾ ويندا يا خودمختيار ۽ آزاد رهڻ چاهيندا پر ائين نه ڪيو ويو، نتيجو سامهون آهي ته امن، عدم تشدد ڀائيچاري ۽ محبت واري رياست هجڻ هتي فقط خواب رهجي ويو آهي.
سائين وڌيڪ چيو ته سنڌي هڪ قوم آهن جنهن کي تاريخي پس منظر، جاگرافي حدون، سامونڊي ڪنارا، امير ترين ثقافت، لکيل پڙهيل ٻولي ۽ قومي ورثو آهي سنڌ وٽ صوفي ازم جو پيار ۽ محبت وارو پيغام آهي. ڀائيچارو، برداشت، عدم تشدد ۽ سيڪيولر ازم سنڌي قوم جي رت ۾ شامل آهي پر مان هتي ٻڌائڻ چاهيندس ته سنڌ سان وفاق ۽ مذهب جي نالي ۾انصاف نه ٿيو آهي. سنڌ جي لکين ايڪڙ بيراجي زمين مال غنيمت سمجهي ورهائي وئي، ڳائڻا گانو ڳائين ته زمين انهن کي سنڌ ۾ ملي، ڪرڪٽر ڇڪو هڻن ته زمين انهن کي سنڌ جي ملندي آهي. سائين امداد محمد شاهه پنهنجي انهيءَ تقرير ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن، نوڪرين، سياست، ثقافت، ريڊيو، ٽي وي، مارشلائن، گورنر راڄن، وڏيرا شاهي 1973ع جي آئين، بلوچن جي مسئلن، بنگالين جي قتل عام، سنڌو درياهه جو پاڻي چورائڻ، روڪڻ، ڊيم ٺاهڻ ۽ هر ناانصافي تي تفصيل سان ڳالهايو ۽ سنڌ جي هڪ سچي وڪيل جيان سنڌ جو ڪيس وڏي بهادريءَ سان رکيو.
هميشه اڇو وڳو، عام اڇي ٽوپي، هاءِ ليول جي شگر جي بيماري، چانهن جو بي حد شوقين، ، ماڻهوءَ کي اسڪين ڪندڙ تيز پر خوبصورت اکين جو مالڪ سنڌ جو هي سماجي سائنسدان سياستدان 29 سيپٽمبر 2004ع تي اربع ڏينهن ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ گذاري ويو. کيس سندس وصيت موجب مجيد ڪيريو ۾ پنهنجي ٻنيءَ ۾ دفن ڪيو ويو جو کيس ٻني ۽ ڍور مال سان عشق هو. انهيءَ ڳوٺ مجيد ڪيريو بابت سائين امداد شاهه هڪ ڀيري ٻڌايو هو ته، جڏهن هو سن کان لڏي اچي ان ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو ته ڪجهه خوشامدي آيا ته سائين هن ڳوٺ جو نالو، امداد محمد شاهه رکون، سائين انهن کي ”کڙَ ئي هڪ هنئين ۽ انهن سان اهڙي ڪيائين جو وڃي ٿيا خير، سائين چيو، مان اوڌر تي اچي مجيد جي ڳوٺ ۾ رهيو آهيان، ۽ هي وري ان جو نالو مٽڻ جي ڳالهه پيا ڪن۔