سپريم ڪورٽ سنڌ جي شهرن ۾ صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪال بابت ڪميشن جي مدي ۽ اختيارن جو دائرو وڌائيندي سنڌ حڪومت کي چيف سيڪريٽري ۽ ٽاسڪ فورس جي ميمبرن جي بدلين کان روڪي ڇڏيو آهي، عدالت ڪميشن جي پاڻي فراهمي بابت دستاويزي فلم سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي موڪلڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري سنڌ جي شهرن ۾ صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال بابت تفصيلي فيصلو جاري ڪندي ڪميشن جي مدي ۽ اختيارن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
سپريم ڪورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٽاسڪ فورس جي ميمبرن جي بدلين کان روڪيندي سنڌ حڪومت کي عدالت جي حڪمن تي عملدرآمد جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن سنڌ حڪومت جي ٽاسڪ فورس ذريعي پنهنجن حڪمن تي عملدرآمد ڪرائيندي ۽ ٽاسڪ فورس کان ماهوار رپورٽ به وٺندي.
عدالتي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان جڏهن ۽ جيئن به چاهي حڪم جاري ڪري سگهي ٿي، جيڪي سپريم ڪورٽ کانسواءِ ڪٿي به چئلينج نه ٿي سگهندا.
عدالتي فيصلي ۾ ڪميشن سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي رپورٽ جي واکاڻ سان گڏ ان کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو حصو بڻايو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪال جي بدتر صورتحال تي ٺهيل دستاويزي فلم سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي چئن مهينن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.