Thursday , February 29 2024

سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ۽ ڊيڊ ليول تي پهتل ڊيم! ادريس راجپوت

 ادريس راجپوتIdress

ربيع جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ آڳاٽي خريف ۾ پوکيءَ لاءِ پاڪستان ۾ پاڻي جا مکيه ٽي ذريعا آهن. پهريون ڊيمن ۾ ذخيرو ٿيل پاڻي، ٻيو درياهن ۾ وهڪرا ۽ ٽيون زيرِ زمين پاڻي- هن سال صورتحال اها آهي، جو ڊيمن ۾ پاڻي ختم ٿي ويو آهي، درياهن ۾ وهڪرا گهٽجي ويا آهن ۽ سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي جر جو پاڻي کارو هجڻ ڪري اهو اعتباري پاڻي ناهي.

ڊيمن جي صورتحال:

تربيلا ڊيم: تربيلا ڊيم جي ڊيڊ ليول 1300 فوٽ هُئي ۽ 250 فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ ڪري ان جي فل اسٽوريج ليول 1550 فوٽ هئي. سنڌو ۾ تمام گهڻي لٽ اچڻ ڪري تربيلا ڊيم سامهون هڪ مٽيءَ جو ڊيلٽا ٺهي ويو آهي، جنهن ڪري ان جي ڊيڊ ليول هوريان هوريان وڌائي وئي ۽ هينئر اها 1380 فوٽ تي پهتي آهي، يعني انهي جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ واري صلاحيت 250 فوٽن مان گهٽجي 170 فوٽ رهجي وئي آهي. هِن سال 11 مارچ تي اِها ليول 1380 فوٽ ٿي وئي آهي، معنيٰ انهي ڊيم ۾ ذخيرو ٿيل پاڻي ختم ٿي ويو آهي.

منگلا ڊيم

   water shortage 4

هِن ڊيم جي ڊيڊ ليول 1040 فوٽ آهي. پهرين ان جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ليول 1202 فوٽ هئي، پر اها ليول 40 وڌائڻ ڪري هاڻي 1242 فوٽ ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ان جي گنجائش اٽڪل 3 ملين ايڪڙ فوٽ وڌي وئي آهي. جهلم درياهه ۾ لٽ گهٽ اچي ٿي، جنهن ڪري ان جي ڊيڊ ليول ساڳي آهي، يعني 1040 فوٽ- اها ليول 10 مارچ تي 1046 فوٽ ٿي وئي، 20 مارچ تي به اها ليول 1047 فوٽ هئي، معنيٰ ان ڊيم ۾ به ذخيرو ٿيل پاڻي ختم ٿي ويو آهي. چشما بيراج وارو ذخيرو: اتي به 0.7 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي. اهو ذخيرو 637 فوٽ واري ليول کان مٿي 648 فوٽن تائين ڪيو وڃي ٿو. 13 مارچ تي هِن سال اها ليول 638 فوٽ ٿي وئي آهي، معنيٰ اتي به پاڻي جو ذخيرو ختم آهي.

وهڪرن جي صورتحال 

20 مارچ تي هِن سال سنڌو ۾ تربيلا ڊيم وٽ مٿين ڀر وهڪرو آهي اٽڪل 17 هزار ڪيوسڪ، ۽ اهو ئي پاڻي هيٺ ڇڏيو ٿو وڃي. منگلا ڊيم ۾ مٿين ڀر وهڪرو آهي 17 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺ ڇڏيو ٿو وڃي 20 هزار ڪيوسڪ- چناب درياهه ۾ مرالا بيراج وٽ وهڪرو آهي 11 هزار ڪيوسڪ- اهي ڪُل وهڪرا ٿيا 45 هزار ڪيوسڪ.

سنڌ جي بيراجن تي پهتل پاڻي کوٽ:

گڊو بيراج تي هينئر پاڻي کنيو وڃي ٿو اٽڪل 2 هزار ڪيوسڪ، سکر بيراج تي 21 هزار ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بيراج تي 4 هزار ڪيوسڪ- اهو ٽوٽل پاڻي ٿئي ٿو 27 هزار ڪيوسڪ- اهو اڃا گهٽبو، ڇاڪاڻ جو اسان ڏانهن منگلا ۽ چناب کان پاڻي نه ايندو. سنڌو جو تربيلا تي وهڪرو آهي 17 هزار ڪيوسڪ- 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ سنڌ جو حصو آهي 35 هزار ڪيوسڪ- معنيٰ هينئر کوٽ آهي 23 سيڪڙو- مارچ جو مهينو خير سان گذري ويندو، پر اصل تڪليف ٿيندي اپريل ۾، جڏهن خريف جي مند شروع ٿئي ٿي. تربيلا ۾ هينئر پاڻي آهي اٽڪل 17 هزار ڪيوسڪ- اِنهيءَ مان سنڌ ۾ پهچندو وڌ ۾ وڌ 10 هزار ڪيوسڪ- اپريل جي پهرين ڏهاڪي ۾ ٺاهه ۾ سنڌ جو پاڻي آهي 40 هزار ڪيوسڪ، معنيٰ اپريل جي مهيني جي پهرين ڏهاڪي ۾ کوٽ ٿيندي 75 سيڪڙو- ائين سمجهو ته فصل لاءِ ته پاڻي ڪو نه هوندو، رڳو پيئڻ لاءِ پاڻي هوندو.

manglaATarbela_Dam,_KPK,_Pakistan

گذريل سالن ۾ ٿيل کوٽ:

ماضيءَ ۾ به ڪجهه سالن ۾ ڊيم خالي ٿيڻ سبب تمام گهڻي کوٽ رهي آهي- اهي سال آهن 2000ع، 2001ع ۽ 2002ع- تنهن کانپوءِ وري سال 2008ع، 2009ع ۽ 2010ع ۾ ڊيم خالي ٿي ويا. تمام گهڻي خراب صورتحال سال 2012ع ۾ رهي جڏهن ڊيم خالي ٿي ويا ۽ وهڪرا به گهٽجي ويا. اُنهي سال آڳاٽي خريف ۾ سنڌ ۾ کوٽ هِن ريت رهي، اپريل پهريون ڏهاڪو 57 سيڪڙو، ٻيو ڏهاڪو 40 سيڪڙو، ٽيون ڏهاڪو 25 سيڪڙو کوٽ- مئي جو پهريون ڏهاڪو 35 سيڪڙو، ٻيو ڏهاڪو 40 سيڪڙو ۽ ٽيون ڏهاڪو 46 سيڪڙو کوٽ رهي. جون جي پهرين ڏهاڪي ۾ کوٽ رهي 59 سيڪڙو- ياد رهي ته آڳاٽو خريف پهرين اپريل کان 10 جون تائين ڳڻيو وڃي ٿو.

mangla

ڊيمن جو خالي ٿيڻ:

سنڌ طاس معاهدي جي وڏي ۾ وڏي خرابي اها آهي، جو پاڻي ورهائڻ بدران درياهه ورهايا ويا. ٽن اُڀرندي درياهن ۾ ڪُل پاڻي ايندو هو 33 ملين ايڪڙ فوٽ، جنهن مان 8 ملين ايڪڙ فوٽ هندستاني پنجاب ۾ استعمال ٿيندو هو، 9 ملين ايڪڙ فوٽ پاڪستاني پنجاب ۾ استعمال ٿيندو هو ۽ 16 ملين ايڪڙ فوٽ سنڌ ڏانهن ايندو هو. اسان اهو ڪُل پاڻي هندستان کي ڏئي ڇڏيو، ۽ پاڪستاني گهرجون متبادل ڊيم ٺاهي پوريون ڪيون. درياهن جي عمر ته هوندي آهي، جڏهن ته ڊيمن جي عمر ناهي هوندي، يعني ڪجهه عمر کانپوءِ انهن مان ذخيري ڪرڻ جي گنجائش ختم ٿي ويندي آهي. اهو انهيءَ ڪري ٿئي ٿو، جو ڊيم پاڻي ۾ آيل لٽ کي روڪين ٿا ۽ هوريان هوريان لٽجڻ ڪري هُنن جي گنجائش گهٽجي وڃي ٿي ۽ آخر اها گنجائش ختم ٿي وڃي ٿي، پوءِ وري هڪ نئون ڊيم ٺاهڻو پوي ٿو. تربيلا ڊيم جي به 30 سيڪڙو گنجائش گهٽجي وئي آهي. هاڻي اها 9.3 ملين ايڪڙ فوٽ مان گهٽجي 6.5 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ڀاشا ديامير ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو سال 2006ع ۾ ڪيو ويو پر ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري تڪرار سبب اِهو ڊيم نٿو ٺاهيو وڃي. اهو پنجاب جو اجايو ضد آهي.

سال 1976ع ۾ تربيلا ڊيم ٺهي پورو ٿيو، اُنهيءَ وقت اُن جي ڊيڊ ليول 1300 فوٽ هُئي. خريف 1977ع ۾ اِن جي ليول 1391 فوٽ هُئي، معنيٰ 91 فوٽ پاڻي هو. خريف 1978ع ۾ ان جي ليول 1403 فوٽ هئي، معنيٰ 103 فوٽ پاڻي هو. ساڳئي نموني منگلا ڊيم، جنهن جي ڊيڊ ليول 1040 فوٽ آهي. خريف 1977ع ۾ 1140 فوٽ ليول هئي معنيٰ 100 فوٽ پاڻي هو. خريف 1978ع ۾ 1144 فوٽ پاڻي ليول هئي، معنيٰ 104 فوٽ پاڻي هو. انهيءَ وقت درياهه جا وهڪرا گهٽ ٿيڻ جي صورت ۾ به فصلن لاءِ ذخيرو ٿيل پاڻي موجود هو ۽ سُٺا فصل ٿيندا هئا، خاص طرح وونئڻ، جن جي پوکي اپريل مهيني ۾ ڪئي وڃي ٿي. هِن وقت جي ضرورت آهي ته ڀاشا ديامير ڊيم جنهن جي ٺاهڻ جو فيصلو سال 2006ع ۾ ڪيو ويو هو، ان کي ٺاهڻ کپي ته جيئن ڊيمن ۾ آبپاشي لاءِ پاڻي بچيل رهي ۽ هِن سال واري وهڪرن جي گهٽ ٿيل صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي.

صورتحال کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي؟

آڳاٽي خريف ۾ ڪجهه سالن کان گهٽ پاڻي هجڻ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ آبپاشي کاتي اها حڪمت عملي ٺاهي آهي ته انهيءَ وقت ۾ غير سدا واهن کي بند رکيو وڃي. گڊو بيراج جا سڀ واهه غير سدا واهه آهن، جيتوڻيڪ هينئر اُنهن کي ربيع ۾ به پاڻي ڏنو وڃي ٿو. سال ۾ هڪڙو دفعو واهن جي چڪاس ڪئي وڃي ٿي ته جيڪي اوڻايون يا ڪمزوريون ڏسڻ ۾ اچن، تِن کي ٺيڪ ڪيو وڃي. سکر بيراج ۾ اُن مان نڪرندڙ واهن جي چڪاس 6 جنوري کان 20 جنوري تائين هر سال ڪئي وڃي ٿي، جو ان وقت ۾ فصلن کي پاڻي جي گهرج گهٽ ۾ گهٽ ٿئي ٿي. گڊو بيراج جا سڀ واهه ۽ سکر بيراج جا ساڄي پاسي نڪرندڙ واهه اپريل جو سڄو مهينو بند ڪيا وڃن ٿا، انهيءَ ڪري نه ته پاڻي جي گهرج گهٽ ۾ گهٽ هجي ٿي پر انهيءَ ڪري ته ان وقت درياهه ۾ پاڻي گهٽ هجي ٿو. اپريل واري مهيني ۾ سکر بيراج جي کاٻي پاسي وارن واهن کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو، جيڪي آهن نارا ڪينال، خيرپور فيڊر ايسٽ، روهڙي ڪينال ۽ خيرپور فيڊر ويسٽ- انهن ۾ به ترجيح روهڙي ڪينال ۽ نارا ڪينال کي ڏني وڃي ٿي، ڇاڪاڻ جو اهي اٽڪل 200 ميل ڊگها واهه آهن. روهڙي ڪينال بدين تائين پاڻي پهچائي ٿو ۽ نارا ڪينال عمرڪوٽ تائين- اچو ڪوٽڙي بيراج تي، انهيءَ مان نڪرندڙ ڪلري بگهار فيڊر ڪينجهر ڍنڍ معرفت ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي ڏئي ٿو. ڪراچي سنڌ جو گادي وارو هنڌ آهي ۽ اٽڪل انهيءَ ۾ ٻه ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا. انهيءَ کي حب ڊيم مان به ٿورو پاڻي ڏنو وڃي ٿو، پر اهو بي اعتباري آهي. جڏهن ٻه ٽي سال ساندهه مينهن نٿا پون ته اهو ڊيم ڀرجي نه سگهندو آهي، ۽ ڪراچي کي اتان پاڻي ملڻ بند ٿي وڃي ٿو، تنهن ڪري ڪراچي کي ترجيحي بنيادن تي پيئڻ جو پاڻي ڏنو وڃي ٿو، ٻيو سسٽم ڪوٽڙي بيراج تي سدا واهه وارو اڪرم واهه آهي، انهيءَ کي به انهيءَ وقت ۾ پاڻي ڏنو وڃي ٿو. ڦليلي ۽ پنڃاري سدا واهه ناهن، تنهن ڪري انهن ٻنهي کي انهيءَ کوٽ واري وقت ۾ بند رکيو وڃي ٿو. کوٽ واري وقت ۾ سنڌ آبپاشي کاتي جي مٿين حڪمت عملي صحيح آهي. اهو به ٻڌائيندو هلان ته اپريل جي مهيني ۾ درياهه جا وهڪرا وڌندا به رهن ٿا، پر ساڳئي نموني ۾ آبپاشي جون گهرجون به وڌنديون رهن ٿيون ۽ کوٽ اٽڪل 50 سيڪڙو رهي ٿي.

سنڌ آبپاشي کاتي کي مشورا:

انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته، There is not shortcut to experience  يعني تجربي حاصل ڪرڻ جو ڪو ننڍو رستو ڪونهي. مان ٻه دفعا آبپاشي کاتي ۾ ڊائريڪٽر ريگيوليشن رهيو آهيان ۽ 6 سال 3 دفعا آبپاشي سيڪريٽري رهيو آهيان. درياهه جي ريگيوليشن ۾ مون جيڪي تجربا حاصل ڪيا آهن، انهن جي بنياد تي مان سنڌ آبپاشي کاتي کي هيٺيان مشورا ڏيڻ چاهيان ٿو:

(1) هيءَ صورتحال اسان وٽ انهيءَ ڪري خراب ٿئي ٿو، جو لٽجڻ ڪري اسان جا ڊيم خالي ٿي وڃن ٿا. تربيلا ڊيم 30 سيڪڙو لٽجي ويو آهي، جنهن لاءِ اسان کي هڪ متبادل ڊيم کپي. ڀاشا ديامير ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو سال 2006ع ۾ ڪيو ويو هو، سنڌ حڪومت وفاق کي زور ڀري ته ڀاشا ديامير ڊيم جي اڏاوت جو ڪم جلد شروع ڪري.

(2) کوٽ واري وقت ۾ پنجاب ۾ واهن تي پاڻيءَ جي چوري ٿئي ٿي، انهيءَ مقصد لاءِ سنڌ لاهور ۾ هڪ انجنيئر رکيو آهي. جنهن جي هيٺان ٽي ايس ڊي اوز آهن، جيڪي سنڌو تي پنجاب جي ٽنهي بيراجن يعني چناب، چشما ۽ تونسا تي چيڪنگ ڪن ٿا. هن سخت کوٽ واري وقت ۾ هنن کي چيو وڃي ته سخت چيڪنگ ڪن ۽ ڪا به کنيل واڌ يڪدم رپورٽ ڪرڻ کپي.

(3) عام طرح هن کوٽ واري وقت ۾ سنڌو جو پاڻي چشما- جهلم ۽ تونسا- پنچند لنڪ ڪينالن ذريعي معاون درياهن جي ايراضي لاءِ نٿو ورايو وڃي، پر لاهور واري مانيٽرنگ تي انجنيئر کي اهو به ڏسڻ کپي ته هنن لنڪ ڪينالن جي ريگيوليٽرن سان ڪا هٿ چراند نه ٿي ٿئي.

(4) سڀني کان اهم ڳالهه اها آهي ته منگلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو نه ڪيو وڃي. پنجاب وارا منگلاڊيم کي پنجاب جو ڊيم سمجهن ٿا، اهو انهيءَ ڪري ڀريو وڃي ٿو ته هنن مطابق جهلم ڊيم Early riser آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن ڊيم مارچ ۽ اپريل جي مهينن ۾ نه ڀريو وڃي ته ڀرجي نه سگهبو ۽ ربيع ۾ پنجاب وارين ايراضين کي پاڻي نه ملي سگهندو. هنن جو اهو به چوڻ آهي ته ڊيم جي ڊيزائن رپورٽ ۾ به ان جو مارچ ۽ اپريل جي مهينن ۾ ڀري ڏيکاريو ويو آهي. سنڌ وارن جو چوڻ آهي ته ڊيم تڏهن ڀرڻ کپي، جڏهن واڌو پاڻي هجي، سخت کوٽ واري وقت ۾ جڏهن فصل پوکڻ جو وقت هجي، تڏهن ڊيم ڀرڻ بلڪل نامناسب ٿيندو.

پاڻي جي کوٽ واري صورتحال ڪا نئين ناهي. گذريل سالن ۾ به اهڙي صورتحال رهي آهي. هن سال سياري ۾ تمام گهڻي برفباري ٿي آهي، جيئن گرمي پد وڌندو، اها برف رجڻ شروع ٿيندي ۽ وهڪرا هوريان هوريان وڌندا. انهيءَ صورتحال جو جائز وٺڻ لاءِ هر سال ارسا جي صلاڪار ڪاميٽي جو اجلاس 31 مارچ تي ٿيندو آهي، جنهن ۾ پاڻي جي دستيابي جي صحيح پوزيشن واضح ٿي ويندي. ڳڻتي واري ڳالهه انهيءَ ڪري ناهي، ڇاڪاڻ جو جنهن پيدا ڪيو آهي، اهو جوڳو بندوبست ڪندو، ”آسرو مَ لاهيج، سڄن ٻاجهاريندڙ گهڻو.“ (ڀٽائي)

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *