سنڌ ۾ اڄ کان 3 اپريل تائن موڪل، 25 کاتن جون آفيسون بند رهنديون
ڪراچي(رپورٽر سنڌ سماءَچار) سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت جا اڪثر کاتا اڄ کان ٻن هفتن لاءِ بند رهندا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد عجلي شاهه پاران ڪرونا جي روڪٿام لاءِ سرڪاري ادارن کي ڪيل موڪل اڄ کان شروع ٿي وئي آهي. چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي منظوري سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطاب سنڌ حڪومت جي 25 کاتن، خودمختيار اٿارٽيز، سيمي خودمختيار اٿارٽيز جون انتظامي آفيسون 19 مارچ کان 3 اپريل تائين بند رهنديون. سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق زڪوات عشر، اوقاف، اسڪول ايجڪوميشن، ڪاليج ايجوڪيشن، ڪو آپريشن، ثقافت ۽ سياحت، آرڪائيوز، معذورن جي ڀلائي وارو کاتو، توانائي، ماحوليات ۽ ڪوسٽل ڊولپيمنٽ، ٻيلو ۽ جهنگلي جيوت کاتو، انساني حقن وارو کاتو، سماجي ڀلائي وارو کاتو، سڌسماءَ وارو کاتو، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، انڊسٽريز اينڊ ڪامرس، معدني وسيلن جو کاتو، انويسٽمينٽ بورڊ، اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئر، ورڪس اينڊ سروسز کاتن جون سموريون آفيسون اڄ کان 3 اپريل تائين بند رهنديون.