پاڪستان تحريڪ انصاف پاران سنڌ پوليس جي 1861 واري ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ خانگي بل جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ جمع ڪرايل بل ۾ چيو ويو آهي ته، سنڌ پوليس جو قانون ڏيڍ سئوسال پراڻو آهي، جيڪو جديد دور جون ضرورتون پوريون نه ٿو ڪري، عوام کي به تڪڙي انصاف مهيا ڪرڻ ۾ کوڙساريون رڪاوٽون پيش اچن ٿيون، انڪري پوليس ايڪٽ 1861 ۾ جديد دور ۽ زميني حقيقتن مطابق ترميم ڪئي وڃي.
ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي خرم شير زمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، هن اهڙو بل پارٽي سربراهه عمران خان جي هدايت تي سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ جم ڪرائي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته بل ۾ سنڌ پوليس کي مڪمل طور تي خودمختيار ڪري ان ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداختل کي ٻنجو اچي ويندو. بل ۾ اها به گهر ڪئي وئي آهي ته سنڌ پوليس جي سربراهه آءِ جي کي ڪنهن به ايڊيشنل آءِ جي کي هٽائڻ، بلدي ڪرڻ ۽ مقرر ڪرڻ جا اختيار ڏنا وڃين.