Wednesday , September 27 2023
Breaking News

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جوڙجڪ مڪمل،8 نومبر تي رٿيل چٽاڀيٽي وارو امتحان ملتوي

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ سرڪار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جوڙ جڪ مڪمل ڪندي 5 رٽائرڊ آفيسرن کي سرڪاري ۽ هڪ خانگي ميمبر ميمبر مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. 8 نومبر تي رٿيل چٽا ڀيٽي وارو امتحان هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي، جنهن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

سنڌ سرڪار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جوڙ جڪ مڪمل ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ سرڪار 5 رٽائرڊ آفيسرن سميت 6 ڄڻن کي 5 سالن لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو آهي.سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي رٽائرڊ آفيسر ميمبرن ۾ آفتاب انور بلوچ، سيد عابد علي شاهه، عبد العليم جعفري، اعجاز علي خان ۽ لال محمد کيڙو ۽ هڪ وڪيل هريش چند شامل آهن. واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ سنڌ پبلڪ ڪميشن ۾ سفارش تي ميمبر مقرر ڪيا ويا هئا، جنهن تي اعتراضن بعد ڪميشن جي جوڙ جڪ وارو معاملو ڪيتري ئي عرصي کان رولڙي جو شڪار هو.

About Asghar Azad

Check Also

شهيدن جو وارث سڏائيندڙ بلاول ڀٽو زرداري، شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت به نه ڪئي

“خيرپور جا سمورا جيلاني پير، پير اسد شاهه جي پاسي بيٺل آهن، اندروني طور اليڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *