ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) نيب پاران ڪرپشڻ الزامن هيٺ ڄام خان شوري جي ضمانت واري درخواست منظور ٿي وئي آهي. ڄام خان شوري پنهنجي وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪلورٽ ۾ ضمانت واري درخواست جمع ڪرائي ان سان گڏ تڪڙي ٻڌڻي لاءِ به درخواست جمع ڪرائي، جيڪا منظور ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت واري درخواست جي شنوائي ٿي. ڄام خان شوري موقف اختيار ڪيو ته، نيب ڪرپشڻ جي الزامن هيٺ کيس گرفتار ڪرڻ جا وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ نيب اختياريون ڪنهن وقت به کيس گرفتار ڪري سگهن ٿيون. درخواستگذار جو موقف هو ته هُو نيب جي الزامن کي لاڳاپيل عدالت ۽ نيب ڪيسز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان لاءِ هو قانوني طريقو اختيار ڪرڻ خاطر نيب توڙي احتساب عدالت ۾ پيبه پيش ٿيڻ چاهي ٿو، ان لاءِ کيس حفاظتي ضمانت ڏني وڃي جيئن گرفتاري کان بچي سگهي ۽ ڪيسن کي منهن ڏئي سگهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڄام خان شورو جي درخواست منظور ڪندي کيس 10 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ عيوض حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي، هاءِ ڪورٽ ڄام خان شوري کي هدايت ڪئي ته هُو لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪري ايستائين نيب کيس گرفتار نه ڪندي.
Check Also
ڪارونجهر بابت سنڌ حڪومت جا سمورا فيصلا رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تاريخي حڪم
سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو هڪ ٻيو تاريخي فيصلو ڪراچي …