گريٽر ٿل ڪئنال – فائل فوٽو
اسلام آباد (رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڻي جي سخت اڻاٺ جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب بيٺل فصل سڪي رهيا آهن ۽ پڇڙي جي علائقن ۾ جانورن جي پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي. ان دوران ئي پنجاب پنهنجي هٺ ڌرمي ڪندي تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال ۾ پاڻي وهائي ڇڏيو آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران سنڌ ۾ موجود پاڻي جي 70 سيڪڙو کوٽ وڌي 80 کان 90 سيڪڙو ٿيڻ جو امڪان آهي. سنڌ ۾ 70 سيڪڙو پاڻي کوٽ باوجود گرمي پد وڌڻ بعد معمولي برف ڳرڻ جو بهانو بڻائي پنجاب گريٽر ٿتل ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙي ڇڏيو آهي. سنڌسماءَچار جي اسلام آباد واري خاص نمائندي جي رپورٽ مطابق، پنجاب جي آبپاشي کاتي ارسا سميت ڪنهن به لاڳاپيل اختياري کي ٻڌائڻ جي کانسواءِ 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. سنڌ ۾ گڊو وٽ 70 سيڪڙو پاڻي کوٽ آهي، جنهن ۾ مٿانهون وهڪرو 52480 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هيٺانهون وهڪرو 43783 ڪيوسڪ رهيو، گڊو وٽ مٿانهون وهڪرو 140148 ڪيوسڪ هجڻ گهرجي. سکر ۾ 95 هزار ڪيوسڪ بدران پاڻي جي آمد 31450 ڪيوسڪ رهيو، ڪوٽڙي بيراج وٽ مٿانهون وهڪرو 6585 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڊيلٽا ۾ پاڻي بند آهي. ضرورت موجب هن وقت ڪوٽڙي ۾ پاڻي آمد 35635 ڪيوسڪ هجڻ گهرجي، سمنڊ وٽ پاڻي نه وڃڻ سبب سمنڊ زمين ڳڙڪائي پيو، انساني آبادي پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آهي.