ڪراچي ( چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ ٿيندڙ ستين ۽ پهرين ڊجيٽل آدمشماري کان بي خبر هجڻ جو انڪشاف، سنڌ جي سُڌ سماءَ ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري بابت کيس ڪا به ڄاڻ ناهي ته اها ڇا آهي. شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي پاران ڊجيٽل آدمشماري ۾ بغير سڃاڻپ ڪارڊ جي ماڻهن جي ڳڻپ واري معاملي بابت سنڌ حڪومت جو موقف بابت سوال ڪيو، صحافي جي سوال جي جواب ۾ سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ۽ پيپلزپآرٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو ته، ڊجيٽل آدمشماري ۽ اوهان جي پڇيل سوال واري معاملي جي کيس ڪا به خبر ناهي.
Tags sharjeel memon شرجيل ميمڻ
Check Also
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ
ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …