ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت آخرڪار سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪندي ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ 32 ڊاڪٽرز کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، مختلف ضلعن مان بدلي ڪيل ڊاڪٽرز ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر به شامل آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سپريم ڪورٽ جي خاص حڪم تي ٿرپارڪر ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ مختلف ضلعن مان 32 ڊاڪٽر بدلي ڪري ٿرپاڪر جي اسپتالن ۾ مقرر ڪيا ويا. نوٽيفڪيشن موجب عمرڪوٽ، بدين، ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ سانگهڙ ضلعن جي اسپتالن مان اسپيشلسٽ، ميل ۽ فيميل ڊاڪٽرن کي بدلي ڪري ٿرپارڪر جي اسپتالن ۾ موڪليو ويو. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ سنڌ سرڪار صحت کاتي ۾ مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ڪئي هئي پر سپريم ڪورٽ جي خاص حڪم تي 32 ڊاڪٽرن کي بدلي ڪري ٿرپاڪر جي اسپتالن ۾ موڪليو ويو.
Check Also
نواز شريف، آصف زرداري، شهباز شريف، شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس بحال، نيب ترميمون رد
سپريم ڪورٽ نيب ترميمي بل ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، ن ليگ، پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، …